اننيا پانڊي پنهنجو گهر خريد ڪري ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي اڀرندڙ اداڪارا اننيا پانڊي پنهنجو پهريون گهر خريد ڪيو.اننيا پانڊي پنهنجي گهر مان هڪ تصوير ۽ وڊيو شيئر ڪئي آهي فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هن پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته هي منهنجو پنهنجو گهر آهي! هڪ نئين شروعات توهان جي پيار ۽ نيڪ خواهشن جي ضرورت آهي.اننيا پانڊي جي ان پوسٽ تي سندس ويجهن مائٽن، فلم انڊسٽري جي مشهور شخصيتن ۽ مداحن طرفان کيس مبارڪون ڏنيون پيون وڃن.هدايتڪار فرح خان ڪمنٽ سيڪشن ۾ اننيا جي ساراهه ڪندي لکيو ته ”واهه! تمام جلدي خريداري، مان دعا ڪريان ٿو ته هي گهر توهان کي وڏي خوشي آڻيندو.پرينيتي چوپڙا، عامر خان جي ڌيءَ عائره خان، ٽائيگر شراف، شلپا شيٽي ۽ گوهر خان انهن ۾ شامل هئا جن اننيا پانڊي کي گهر خريد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو