انقلاب افغان جو جان نثار شھيد ڊاڪٽر نجيب الله

طفيل.مگسي
سيپٽمبر 1996ع جي 27تاريخ ۽ ڪابل جي آريانا چوڪ جو منظر-هر پاسي رجعت پرستي جو طاعون ۽ ظلمت پرستي جو جنون-سوشلسٽ افغانستان جو آخري صدر ۽ ثور انقلاب جو آخري جان نثار ڪامريڊ نجيب الله ڦاسي جي تخت تي لٽڪيل آھي.هن جو سينو مرڻ کانپوء به جهڪيل ناهي.هن جو ڳاٽ اوچو آھي..،هو ويهين صدي جي آخري ڏھاڪي ۾ ڪميونسٽن جي همت.حوصلي ۽ بهادري جو نشان آھي.۽ انهن روشن روايتن جو تسلسل جنهن سان گرامچي.جيولس فيوچڪ.ڪرسٽوفر ڪاڊول.رائف فاڪس.ڊيوڊگيسٽ.ڀڳت سنگه.ميرداد.دڪتور چائوشسڪو .حسن ناصر ۽ نذير عباسي جهڙن بيشمار ڪميونسٽ شھيدن جا نانء ڳنڍيل آھن.هو انقلابين جي وقار ۽ انهن جي بهادري ۾ ھڪ ٻيو داستان لکي رهيو هو.هن جي داستان تي پنهنجي ئي رت جا گلاب ٽڙيل آھن.ليڪن هن جي مٿي تي پريشاني جو ڪو گهنج ناهي.هن جي ڳچيء ۾ رسيون جهومي رهيون آھن.ليڪن انهن ۾ رسوائي جو ڪو زنجير ناهي.ڪابل جون اونداهيون هن کي ڳڙڪائي نٿيون سگهن.ڇاڪاڻ ته هو روشني جو نمائندو هو.ان ڪري هو اونداهين غارن ۾ لهڻ جي بجاء ان تاريخ جو حصو بڻجي ويو.جيڪو محنت ڪش عوام ۽ مظلوم.قومن جي رت سان سرخ آھي.
انقلاب ثور سڏجڻ واري افغان سوشلسٽ انقلاب جو ڳاڙھو جهنڊو 27اپريل 1978ع ڌاري فضائن ۾ بلند ٿيو هو.جنهن ظاهر شاهن ۽ دائود خانن کي تاريخ جي گند ۾ ڦٽو ڪري هن ڳاله جو اعلان ڪيو هو ته هي نه صرف افغان محنت ڪشن بلڪ خطي جي مظلوم.قومن جي لاء به هڪ نئين صبح جي شروعات آھي.هن انقلاب افغانستان ۾ شاهن ۽ انهن جي درٻاري ملائن ۽ جاگيرن جي مالڪن جي ڳٺ جوڙ ۽ استحصال جي سمورين شڪلين جو خاتمو ڪري صدين کان چٿيل محنت ڪشن کي پنهنجي تقدير جو مالڪ بڻايو.وسيلن.علم و هنر جي خزانن تي ويٺل ڪارن واسينگ ناگن جون منڍيون چٿي ڇڏيون ۽ عورتن کي رڍن ٻڪرين جيان وڪرو ڪري ڇڏڻ ڏوه قرار نو ويو.صرف ايترو ئي نه بلڪ هن انقلاب ڊيرنڊ لائن جي هن پاسي به محنت ڪش عوام ۽ مظلوم.قومن يعني مظلوم.سنڌين.بلوچن ۽ پختونن ۾ ھڪ نئين جوش کي جنم ڏنو.ڇاڪاڻ ته ٻين ڪميونسٽ انقلابن جيان اهو انقلاب به مظلوم قومن جو ساٿي و مددگار هو.سامراج ۽ ان جي حوارين جا تخت وتاج ڌڏي رهيا هئا.ڪميونزم ڪابل تائين اچي پهتو هو ۽ اهوئي ڪميونزم هو.جنهن کي پيرس ڪميون ۾ گهٽو ڏنو ويو ۽ شڪاگو ۾ ھن کي رت ۾ وهنجاريو ويو هو.ليڪن ڪميونزم پاڻ کي زنده جاويد ثابت ڪيو ۽ اڄ پڻ ڪري رهيو آھي.
امريڪي سامراج جي قيادت ۾ ان انقلاب جي خلاف دنيا جي سمورن شيطانن اتحاد ڪري ورتو.۽ ھن کي انقلابي آدرش جي خوب سزا ڏني وئي.يعني انقلابي ثور پنهنجي شروعات کان ئي اندرين ۽ ٻاهرين سازشن جو شڪار هو.جنهن ۾ امريڪا ويورپ کان وٺي ڪري ڊينگ زيائو جو چين.ضياء الحق جو پاڪستان.سعودي عرب.مصر ۽ اصرائيل تائين سڀ شامل هئا.اها ٻي ڳاله ته سالين اڳ افغانستان ۾ بارود جو فصل ٿيڻ ۽ رجعت پرستي جي باه کي پنهنجي دامن کان هواء ڏيڻ وارن جا پنهنجا اڱڻ به انهن کان محفوظ ناهن.انقلاب جي قاعد ڪامريڊ نور محمد تره ڪئي کي سازش جي تحت قتل ڪيو ويو.۽ انقلاب ثور کي ان جي محور کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.مگر سامراجي ايجنٽ امان الله محض ٽن مهينن کانپوء ئي پنهنجي انجام کي پهتو.
ڊاڪٽر نجيب الله جو شمار انقلاب ثور جي اڳواڻن ۾ زشمار ٿيئي ٿو.هو انقلابي ڪونسل جو ميمبر هو.شاگردي جي زماني ۾ مارڪسزم کان متاثر ٿيڻ واري ڪامريڊ نجيب الله ڪابل يونيورسٽي کان تعليم حاصل ڪئي هئي.جنهن جي اصل منزل سماجي مرضن جو اعلاج هو.ان جو تعلق افغانستان جي“پرچم ڌڙي“سان هو.جنهن بعد ۾ “خلق “ڌڙي سان ٺاھ ڪيو هو.
هو انقلاب کانپوء مختلف عهدن تي خدمتون ڏيندو رهيو.جنهن ۾ افغان اينٽيلي جنيس“خاد“جي اڳواڻي به شامل هئي.1986ع ڪامريڊ نجيب “خلق ڊيموڪريٽڪ پارٽي“جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ انهيء سال تي 4 مئي ۾ ھن سوشلسٽ افغانستان جي چوٿين صدر جي طور تي قسم.کنيو.ان جي سموري زندگي هڪ انقلابي سياسي طور تي گذري.هو امريڪي امپريلزم ۽ ان جي پٺوئن جي خلاف ديوار چين بڻيو رهيو.هو چوندو هئو ته “امريڪي سامراج کي افغانستان يا افغانين سان ڪا دلچسپي ناهي.اهو صرف ئي صرف اسان جي سرزمين تي قبضو ڪري پنهنجي ارادن کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.۽ انقلابي حجومت ان جي راه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آھي.امريڪي هٿيار ۽ ڊالرن جي لاء ھٿ پکيڙڻڻ وارا ان کي درست سمجهن ٿا ته اهي غلطي تي آھن.امريڪي سامراج جو مقصد صرف ۽ صرف افغانستان جي تباهي آھي.
اچڻ وارن وقتن ڪامريڊ جي انهن لفظن کي اکر به اگر سچ ثابت ڪيو.جنيوا ڳالهين جي تحت سوويت يونين جون فوجيون 1988ع ۾ افغانستان کان هليون ويون ته سڄي دنيا ۾ دهل وڃايو ويو ته ڊاڪٽر نجيب الله جي ڪميونسٽ حڪومت هاڻي هڪ ٻن ڏينهن جي مهمان آھي.ليڪن انهننجي اها خواهش پوري نٿي سگهي.سوويت فوجين کي ڊوڙائي ڪڍڻ جا دعويدار 4سالن تائين هن جو وار به نه پٽي سگهيا.ان موقعي تي به ڪامريڊ نجيب اللهبقومي مصالحت جي ڳاله ڪئي.امن جي ڳاله ڪئي.ٻين جي اڳيان هٿ پکيڙڻڻ جي ڳاله نه ڪئي.بلڪ افغان انقلاب جي ڳاله ڪئي.
هو هڪ سچو ڪميونسٽ ۽ حقيقي سامراج مخالف وطن پرست هو.ڊاڪٽر نجيب الله پهريون مصالحت ڪار هو.جنهن ان مقصد جي لاء هڪ ڪميشن ٺاهي جنگجوئن کي ڳالهين تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.ان زماني ۾ “افغان قومي جرڳي“جي خطاب جي موقعي تي هن جا هي لفظ ھئا“ٺيڪ آھي ته اوهان چئو ٿا ته اوهان سوويٿ يونين جي فوجين کي هتان کان ڀڄايو آھي.اوهان ۾ جيڪڏھن ايتري صلاحيت آھي ته هينئر اهي هٿيار ڦٽا ڪيو ۽ وطن جي نئين سر تعمير ۾َ شريڪ ٿي ڪري انقلابي افغانستان کي مستحڪم ڪيو ۽ انقلابي افغانستان اوهان کي ڀليڪار ڪري ٿو“
ليڪن افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت نه ته ڪالھ گل بدين حڪمت يار.عبدلرب سياف ۽ برهان الدين رباني جهڙن ڀاڙي جي پٺوئن کي منظور هئي ۽ نه ئي سندن آقائن کي.199ع ۾ جڏھن ڪابل جو گهيراء ڪيو ويو.۽ جنگجوئن ڪابل ۾ وڏي پيماني تي عوام جو قتل عام شروع ڪيو ته ان موقعي تي به ڪامريڊ نجيب الله امن جي قيام کي اوليت ڏيندي اقتدار کان الڳ ٿي ويو.اهو عمل افھانستان جي تاريخ ۾ ھڪ منفرد مثال هو.هاڻي“تخت ڪابل“جي لاء نام نهاد “مجاهدين پاڻ ۾ وڙھي رهيا هئا.هو جنهن اقتدار کان امن جي خاطر وٿ ڊراء ٿيو.ان تخٿ جي لاء ھڪ ڀاء ٻيئي ڀاء جون منڍيون وڍيون هيون.
مذھب جي وڏن وڏن استادن هڪ ٻيئي جا پٽڪا لاٿا ۽ ڏاڙھيون پٽيون هيون.ان کانپوء پنهنجي شهادت جي عرصي تائين ڪامريڊ نجيب الله ڪابل ۾ واقعي اقوام متحده جي آفيس ۾ گذاريو.ان کانپوء افغانستان ۾ جيڪي ڪجه ٿيو.اهو تاريخ جو هڪ زبرندڙ باب آھي.نام نهاد مجاهدين هاڻي هڪ ٻيئي جي خلاف “جهاد“ ۾ مصروف هئا.جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان کي کنڊر ۾ تبديل ڪيو ويو.اهو افغانستان جيڪو انقلاب جي زماني ۾ ھڪ جيئرو جاڳندڙ شھر هو.
ان سموري صورتحال جو منطقي نتيجو طالبان جو ظھور هو.جن هن وحشت ۽ سفاڪي ۾ پاڻ کان اڳ وارن“مجاهدن“کي مات ڏئي ڇڏي.27 سيپٽمبر 1996ع ۾ طالبان ڪابل تي قابض ٿي ويا ۽ انهيء ڏينهن هڪ عالمي سازش جي تحت فاشسزتٻن جو هڪ ٽولو اقوام.متحده جي آفيس ۾ داخل ٿيو.جتي ڊاڪٽر نجيب الله ۽ دندس ڀاء شاه پور کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو.انهن جي جسمن کي سگريٽن سان ڏنڀيو ويو.انهن جا عضووا وڍيا ويا.انهن جي لاشن کي گاڏي سان ٻڌي ڪري ۽ پوء ڪابل جي آريانا چڪ ۾ لڙڪائي ڪري انهن جي وات ۾ ڊالر وڌيا ويا.
اها ئي اهڙي خصيص ذھنيت هئي.جيڪا پاڻ خصي هئي.جيڪا پاڻَامريڪي ڊالرن جي پيداوار هئي ۽ اهي ڊالر انهن جي پنهنجي رت ۾ شامل هئا.۽ اهو عمل انهن ماڻھن جو هو.جيڪي پاڻ کي مذھبجا استاد ۽ اسلام جو خيرخواه سڏبي ٿڪيا ئي نٿي.جيڪي پاڻ کي درست رستي تي ۽ ٻين کي گهراه سمجهن ٿا.ان انڌير ننگري ۾ جيڪا افغانستان تي گذري اهو دنيا ڏسي چڪي آھي.۽ اڄ به ڏسي رهي آھي.اقوام.متحده جي آفيس ۾ بين الاقوامي قانونن جي تحت ڪامريڊ نجيب الله کي جيڪا حفاظت حاصل هئي.اها هن کي نه ڏني وئي.ليڪن اقوام متحده جي دامن تي اهو پهريون خون ته نه هو.
افغانستان جي هٿرادو“امير المونين“ملان عمر اعلان ڪيو ته “اهو ڪميونسٽ ڪافر هو.تنهن ڪري نه ته ان جو جنازو پڙھيو وڃي نه ئي هن کي دفن ڪيو وڃي.“ليڪن“اميرالمونين جي اها خواهش پوري نٿي سگهي.هن جو لاش هن جي اباڻي شھر گرديز“پڪتيا“آندو ويو.جتي هن جو جنازو به ٿيو.۽ دفن پڻ ٿيو.اقوام.متحده جي آفيس ۾ رهائش جي دوران ڪافي ايترا موقعا ميسر ٿيس ته جڏھن نجيب الله افغانستان کان آساني سان ڪنهن ٻيئي ملڪ منتقل ٿي پيئي سگهيو هو.مگر هن پنهنجي مٽيء کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ نٿي چاهيو.۽ ھڪ بهادر انقلابي جيان موت کي سيني لائي ڪري انقلابي روايتن کي زنده رکيو.
ٻرندڙ افغانستان کي ڊاڪٽر نجيب الله ۽ ھن جي قومي مصالحت ۽ امن جي پاليسين جي تمام گهڻي ضرورت هئي.هو اچڻ وارن ڏھاڙن ۾ ھڪ اهم.ڪردار ادا ڪري پيئي سگهيو هو.جيڪو سامراج ۽ سندس پٺوئن کي منظور نه هو.اها ئي شيء ھئي جيڪا هن جي شهادت جو سبب بڻي.امريڪي سامراجيت اهو بدبودار ۽ غليظ نانء آھي.جيڪو نه محنت ڪش عوام ۽ نه ئي مظلوم قومن جو مددگار آھي.بلڪ اهو صرف ئي صرف اگهاڙي سرمائيداري جو هڪ فاشسٽ چهرو آھي.جيڪو ضرورت جي تحت نقاب بدلائيندو رهي ٿو.ليڪن سندس هر چهرو رت سان رنڱيل آھي.نجيب الله جو وڃڻ ۽ ان جي پاليسين جو خاتمو نه صرف افغانستان بلڪ هن سموري خطي جي تباهي جي صورت ۾ سامهون آيو.ان جي حڪومت جي ۽ ان کانپوء وارين حڪومتن جي جيڪڏھن ڀيٽ ڪئي وڃي ته اها انهن کان سو ڀيرا بهترين هئي.جنهن جي شاهدي ڪو به اهڙو مقامي افغاني ڏئي سگهي ٿو.جيڪو ڪميونسٽن جو حامي به نه رهيو هجي.
اڄ جو افغانستان خاڪ ۽ رت سان ڀريو پيو آھي.۽ ھن جي فضا تي بارود جي دونهين جا ڪڪر ڇانيل آھن.ليڪن جڏھن ان جي تاريخ لکي ويندي.ان جي انقلابي پٽن جو ذڪر ٿيندو.ڪامريڊ نجيب الله شھيد جو چهرو ان ۾ روز روشن چنڊ جيان چمڪندو رهندو.جڏھن ته هن کي فاسي تي لڙڪائڻ وارن ڪارل مارڪس جي لفظن ۾“تاريخ لعنت جي ڦاسي تي لٽڪائي ڇڏيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو