انصاف جي نظام کي ڏسي رت جا ڳوڙها پيا وهايو، اعظم سواتي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو انصاف وارو نظام ڏسي رت جا ڳوڙها وهي رهيا آهن.اعظم سواتي چيئرمين پي ٽي آءِ جي گرفتاري بابت وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي.وڊيو پيغام ۾ اعظم خان سواتي جو چوڻ آهي ته سمورا بنيادي حق ۽ اصول تباهه ڪيا ويا.هن پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته اڄ پي ٽي آءِ چيئرمين اسان جي آزادي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.اعظم سواتي چيو آهي ته پاڪستان جو مقبول ترين اڳواڻ ڪوڙي ڪيس ۾ جيل جي سلاخن پٺيان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو