مجرمن کي ميز تي آڻي ٻيهر سرينڊر جي دستاويزتي صحيح ڪريو پيا؟

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) حملي ڪيس ۾ طلبي تي سپريم ڪورٽ پهتو، جتي هن عدالت کي واقعي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪرڻ جو يقين ڏياريو. چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس قاضي محمد امين احمد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل 3 رڪني بينچ وزيراعظم کي صبح 10 وڳي طلب ڪيو. اٽڪل ٻن ڪلاڪن کانپوءِ وزيراعظم ڪورٽ روم نمبر 1 پهتو، جتي وڪيلن، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ اي پي ايس حملي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن جو وڏو انگ موجود هو. گهرو وزير شيخ رشيد، سڌ سماءَ وارو وزير فواد چوڌري ۽ ٻيا وفاقي وزير به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم صاحب اچو، وزيراعظم روسٽرم تائين پهتو ته جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته والدين کي يقين ڏيارڻ ضروري آهي، ان وقت اختيارين خلاف ڪارروائي چاهيون پيا. چيف جسٽس وزيراعظم عمران خان کان پڇاڻو ڪيو ته اي پي ايس سانحي تي حڪومت ڇا پئي ڪري؟ جنهن تي وزيراعظم عدالت کي ٻڌايو ته ”اسان هر ممڪن قدم کنيا، ان وقت صوبي ۾ اسان جي حڪومت هئي“. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته رپورٽ موجب ڪي خاص قدم نه کنيا ويا، جيڪڏهن حڪومت ڪي اهم قدم کنيا آهن ته عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جو آئين هر پاڪستاني جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته جڏهن هي واقعو پيش آيو ته مان فوري طور پشاور پهتو ۽ پنهنجي والدين سان ملاقات ڪئي.

مون کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو، عمران خان

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس وزيراعظم کان پڇاڻو ڪيو ته رياست ٻارن جي والدين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟، جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته ان وقت آئون حڪومت ۾ نه هئس. جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏيندي چيو ته ميڊيا جي رپورٽن مطابق توهان انهن ماڻهن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيو. عمران خان چيو ته مون کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو، هڪ هڪ ڪري وضاحت ڪندس. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جي پاليسي فيصلن سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي، اسان اهو ڄاڻڻ گهرون ٿا ته ايترا سال گذرڻ باوجود جوابدارن جو پتو ڇو نه پيو آهي؟ چيف جسٽس چيو ته 7 سالن کان ڪنهن به وڏي عهديدار خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي، هاڻي اوهان بااختيار وزيراعظم آهيو.

فوجي مراعات سان رٽائرڊ ٿي ويا، چيف جسٽس

جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏيندي چيو ته مظلوم جو ساٿ اهو آهي ته ظالم خلاف ڪارروائي ڪريو، ڇا اسان ٻيهر ڳالهين کانپوءِ هٿيار ڦٽا ڪري سرينڊر ڪري رهيا آهيون؟ چيف جسٽس چيو ته شهيدن جي والدين جي ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي. وزيراعظم چيو ته طالبان جي حڪومت اچڻ کانپوءِ داعش، ٽي ٽي پي ۽ بلوچ علحدگي پسند پاڪستان ۾ اچي ويا آهن، اڍائي ڪروڙ ماڻهو پاڪستان مان نڪري ويا آهن، انهن ٻنهي جي آڙ ۾ دهشتگرد پاڪستان ۾ لڪيل آهن. جسٽس قاضي امين چيو ته ماضي ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي، توهان وزيراعظم آهيو، توهان جو احترام ڪريون ٿا، ٻڌايو ته سانحي کانپوءِ توهان هن وقت تائين ڪهڙا قدم کنيا؟ وزيراعظم عدالت کي ٻڌايو ته اسان سانحي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو، اسان جنگ کٽي ان ڪري جو پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي. هن چيو ته اسان نيشنل انٽيليجنس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ٺاهي آهي جيڪا معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، والدين طرفان ڏنل ڪو به نالو مقدس ڳئون ناهي، سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڪارروائي ڪنداسين. هن چيو ته مان پشاور پهچي گهرڀاتين سان ملاقات ڪئي، منهنجي والدين سميت سڄي قوم صدمي ۾ آهي، مون کي ٻڌايو ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هو نٿا چاهين ته سندن ٻارن کي معاوضو ڏنو وڃي، پڇاڻو ڪيو ته ڇا ٿيو گذريل حڪم ۾ اسان باقاعده نالا ڏنا هئا؟ ”توهان اقتدار ۾ آهيو، حڪومت توهان جي آهي، توهان ڇا ڪيو؟ توهان انهن مجرمن کي ڳالهين جي ميز تي آندو. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي امين پڇاڻو ڪيو ته ڇا فوج ٻيهر هٿيار ڦٽا ڪري سرينڊر ڪرڻ جي دستاويز تي صحيح ڪري رهيا آهيو؟ بعد ۾ سپريم ڪورٽ حڪومت کي هدايت ڪئي ته اي پي ايس متاثرن جي مشوري سان گڏ ڪارروائي ڪري ٻن هفتن ۾ پيش رفت رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن تي اٽارني جنرل وڌيڪ وقت جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت اٽارني جنرل جي درخواست منظور ڪندي 4 هفتن جو وقت ڏنو ۽ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. وزيراعظم جي آمد کان اڳ سپريم ڪورٽ جي چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) اسلام آباد قاضي جميل الرحمان به سپريم ڪورٽ پهتو هو.

سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي طلب ڪري ورتو

ياد رهي ته گذريل مهيني 20 آڪٽوبر تي ٿيل ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو، جنهن تي سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي والدين جي درخواست تي ايندڙ ٻن هفتن ۾ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي هئي. عدالت اي پي ايس سانحي جي جوابدارن خلاف حڪومتي قدمن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. ان حوالي سان ياد رهي ته سانحي اي پي ايس جي وارثن مطالبو ڪيو ته ان وقت جي اعليٰ فوجي ۽ سياسي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. 7 سال اڳ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي ۾ 132 ٻارن سميت 147 ڄڻا مارجي ويا هئا. اڄ ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا وزيراعظم عدالتي حڪم پڙهيو آهي؟ ان تي اٽارني جنرل کيس ٻڌايو ته عدالتي حڪم وزيراعظم ڏانهن نه موڪليو آهي، ان بابت کيس آگاهه ڪندس.  چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل صاحب اها سنجيدگيءَ جي نشاني نه آهي، وزيراعظم کي فون ڪريو ان سان ڳالهائينداسين، ائين نه هلندو. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي پنهنجون سموريون غلطيون قبول آهن، اعليٰ اختيارين خلاف ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگهي. ”آئون آفيس ڇڏي ويندس پر ڪنهن جو دفاع نه ڪندس،“ بعد ۾ سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي 11:30 وڳي ڪيس ۾ طلب ڪري ورتو.

”انٽيليجنس ڪٿي غائب ٿي وڃي ٿي؟

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا اڳوڻي آرمي چيف ۽ ٻين ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، انٽيليجنس ايجنسيون ڪٿي غائب ٿي وينديون آهن جڏهن ته پنهنجي ئي شهرين جي تحفظ جو معاملو هوندو آهي؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته انڪوائري رپورٽ ۾ اڳوڻي آرمي چيف ۽ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل بابت ڪجهه به ناهي مليو. ان تي چيف جسٽس احمد ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ ايترو وڏو انٽيليجنس سسٽم آهي، ان تي اربين رپيا خرچ ٿين ٿا، هڪ دعويٰ ته اسان دنيا جي بهترين انٽيليجنس ايجنسي آهيون، انٽيليجنس تي ايترو خرچ ڪيو پيو وڃي، پر نتيجا نڪرندا زيرو؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ايجنسين کي ڄاڻڻ گهرجي ها ته قبائلي علائقن ۾ آپريشن جو جواب ڏيڻو پوندو. “سڀ کان آسان ۽ سڀ کان وڌيڪ حساس مقصد ٻار هئا،”

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جو ذڪر

ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جو به ذڪر ٿيو ۽ جسٽس قاضي امين چيو ته رپورٽون آهن ته رياست هڪ گروپ سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، ڇا اهو رياست جو ڪم ناهي؟ اصل جوابدارن تائين پهچڻ ۽ پڪڙڻ؟ چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ٻارن کي اسڪولن ۾ مرڻ لاءِ نه ٿو ڇڏي سگهجي، هتي جي چوڪيدارن ۽ سپاهين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ”دراصل، اهو عمل مٿين کان شروع ٿيڻ گهرجي ها، پر مٿين ماڻهن کي پگهارون ۽ مراعتون جاري آهن،“ جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته اهو ممڪن ناهي ته دهشتگردن کي اندران سهڪار نه ملي، اي پي ايس واقعو سڪيورٽي جي ناڪامي هئي.

عدالتي ڪميشن جي رپورٽ

5 آڪٽوبر 2018ع تي اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي مرحوم چيف جسٽس وقار احمد سيٺ کي نامزد ڪرڻ جو چيو هو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد ابراهيم خان ڪارروائي ڪندي ڪميشن جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن کي سپريم ڪورٽ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ڪميشن پنهنجي 525 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ چيو هو ته اها ”افسوسناڪ“ آهي ته اي پي ايس واقعي سبب هٿياربند فوج جي ڪردار کي داغدار ڪيو ويو. ڪميشن جي رپورٽ ۾ سوڳوار خاندانن جا بيان، بيوروڪريسي، پوليس ۽ فوج پاران فراهم ڪيل ثبوت شامل آهن. ان ۾ خاص طور تي سيڪيورٽي حملي جي ”دير واري جواب“ جو ذڪر ڪيو ويو ۽ شهيدن جي والدين جي گڏيل شڪايتن کي اجاگر ڪيو ويو. رپورٽ ۾ مشاهدو ڪيو ويو آهي ته ”جيڪڏهن فورسز ٿورو تيز ردعمل ڏيکاري ها ۽ حملي جي شروعات کان ئي شدت پسندن جو مقابلو ڪرين ها ته ان واقعي جو اثر گهٽجي سگهي ها. هن ايم وي ٽي-2 ۽ ڪوئڪ رسپانس فورس کي ساراهيو انهن جي تيز ڪارروائي لاءِ دهشتگردن جي اسٽوڊنٽ بلاڪ ڏانهن اڳڀرائي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ دير ڪئي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”اسان جو ملڪ دشمن سان جنگ ۾ هو جنهن ڳجهي سرگرميون ڪيون ۽ 14-2013ع ۾ دهشتگردي عروج تي هئي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان جي حساس تنصيبات ۽ اهم هدفن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو وڃي۽ دهشتگرد آزادانه طور حملا ڪن. رپورٽ 9 جولاءِ 2020ع تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي ۽ آگسٽ 2020ع ۾ سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته رپورٽ تي وفاقي حڪومت کان هدايتون طلب ڪيون وڃن. سيپٽمبر 2020ع ۾ سپريم ڪورٽ حڪومت کي رپورٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو