امن، محبت ۽ خوشحالي سڀني لاءِ يقيني بڻائينداسين، باقر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي مزار قائد تي فاتحه خواني ڪرڻ بعد سنڌ جي اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران وزير محمد احمد شاه سان گڏ سينٽ پيٽرڪ چرچ پهتو ۽ مسيحي برادري جي بزرگن ۽ موقعي تي موجود شهرين کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو، سينٽ پيٽرڪ چرچ کان سنڌ جونگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر نگران اطلاعات واري وزير محمد احمد شاهه سان گڏ هولي ٽرينيٽي ڪيٿڊرل پهتو ۽ اتي موجود عيسائي برادري جي بزرگن ۽ ماڻهن کي ڪرسمس جون مبارڪون پيش ڪيون ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي مسيحي برادري جي بزرگن وڏي انگ ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس ريٽائرڊ مقبول باقر ۽ نگران اطلاعات واري وزير محمد احمد شاهه جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جسٽس ريٽائرڊ مقبول باقر خطاب ڪندي چيو ته ٻه وڏيون خوشيون يعني پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس گڏيل طور ملهائي رهيا آهيون، هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي قائد اعظم جي فرمانن تنوع ( ڊائورسٽي ) ۽ هتي رهندڙ سڀني ماڻهن جي لاءِ امن ، محبت ، ترقي، خوشحالي ۽ ترقي جي هڪجهڙن موقعن جي فراهمي کي يقيني بڻائينداسين. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام اسان جي لاءِ احترام جي لائق پيغمبر آهي. ان موقعي تي اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران وزير محمد احمد شاهه چيو ته سنڌ جي عظيم صوفين جي تعليمات موجب نگران سنڌ حڪومت صوبي جي عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. محمد احمد شاهه چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي مسيحي ڀائرن جي خوشين ۾ شرڪت دراصل انهن خوشين ۾ سنڌ حڪومت جي شرڪت جو اظهار آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي صوبي ۽ ملڪ کي قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي ڏنل اصولن موجب هڪ پرامن ۽ خوشحال ملڪ بڻائينداسين

پهنجو تبصرو موڪليو