النهيان فيملي دنيا جو امير ترين خاندان قرار، ارب پتين جي لسٽ جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بلومبرگ جي دنيا جي امير ترين خاندانن جي سالياني درجه بندي رپورٽ ۾ ھن سال گڏيل عرب امارات جو النهيان خاندان ٽاپ تي اچي ويوآهي. جڏهن ته قطر جو Al Thanis الثاني شاهي خاندان پنجين نمبر تي هليو ويو آهي. فرانسيسي لگزري برانڊ Hermès جا مالڪ ٽئين نمبر تي آهن. النهيان جو شاهي خاندان، 305 بلين ڊالرن جي دولت سان لسٽ ۾ پنهنجو پهريون نمبر ٺاهيو آهي، والمارٽ جي والٽن خاندان کي 45 بلين ڊالر کان اڳتي نڪرندي کين ٻئي نمبر تي ڌڪي ڇڏيو آهي. ڇهين نسل تائين هلندڙ فرانس جي برانڊ هرمز جنهن پنهنجي دولت ۾ 56 ارب ڊالر جو اضافو ڪيو آهي، اهو ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. آمريڪا جو مارس چوڪوليٽس جو چوڪوليٽيئر خاندان، قطر جو الثاني خاندان ۽ آمريڪا جي ڪوچ خاندانن جي ملڪيت هڪٻئي جو ويجهو ويجهو آهي. رپورٽ موجب سعودي عرب جو شاهي خاندان ستين ۽ ڀارت جو امباني خاندان اٺين نمبر تي آهن. فرانس جي ورٿيمير فيملي نائين ۽ ڪئناڊا جي ٿامسن فيملي دنيا جي 10 امير ترين خاندانن ۾ ڏهين نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو