اقليتن ۽ عورتن جي سيٽن جي لسٽ پڌري، پي ٽي آءِ ٻاهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊن لاءِ قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جي مخصوص سيٽن لاءِ اميدوارن جي ابتدائي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي 10 سيٽن لاءِ 37 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.پڌرائي موجب اقليتي سيٽن تي ڪاغذن بابت آر او جي فيصلن خلاف اپيلون 16 جنوري تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اپيليٽ ٽربيونل 19 جنوري تائين اپيلن تي ٻڌڻي ڪندو.پاڪستان تحريڪ انصاف به سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ چونڊ نشان نه ملڻ سبب اقليتي سيٽن جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو