ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو اقليتن جي قومي ڏينهن تي پيغام چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ به آئين جي پاسداري آهي ،رڳو پيپلز پارٽي ئي نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست جو خاتمو آڻي سگهي ٿي ۽ اقليتن سميت سمورن پٺتي پيل طبقن کي سماجي انصاف ڏياري سگهي ٿي،قائداعظم 11 آگسٽ تي پنهنجي تاريخي تقرير ۾ واضح ڪيو ته نئين رياست ۾ سڀني شهرين کي برابري جا حق ۽ مذهبي آزادي هوندي،پيپلز پارٽي اقليتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ هميشه منصفاڻي ۽ قابل عمل رويو اختيار ڪيو آهي،1973ع جو آئين پيپلز پارٽي جي روش جو واضح مثال آهي، جيڪو سڀني اقليتن کي برابري جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو،شهيد محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت ۾ پنهنجي دور ۾ اقليتن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ،اقليتن لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاران کنيل انقلابي قدمن ۾ اقليتي معاملن واري وزارت جو قيام به شامل آهي،11 آگسٽ اقليتن جو قومي ڏهاڙو ملهائڻ جي فيصلي تي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو،صدر آصف علي زرداري جو ويزن ۽ سڃاڻپ سڀني تي ڀروسو ۽ سڀني سان گڏ هلڻ آهي،پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي، جنهن پنهنجي غير مسلم ڪارڪنن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي ٽڪيٽون ڏئي چونڊون ڪرايون، پيپلز پارٽي پنهنجي غير مسلم ڪارڪنن کي سينيٽ ۾ ڀرپور نمائندگي ڏني آهي،پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومتن جي ڪابينا ۾ اقليتي برادري کي ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ نمائندگي ڏني آهي،غير مسلم شهرين جي حقن ۽ ڀلائي جي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ جي قانون سازي ۽ عملي قدمن جو ڪو مثال نه آهي،قوم جي تعمير ۽ ترقي ۾ ملڪ جي اقليتن جي تعداد کان وڌيڪ حصو وٺندڙن کي سلام پيش ڪريان ٿو پاڪستان جي اڪثريتي ۽ اقليتي برادرين صدين کان سکن جي زندگي ۽ موت ۽ ڏک ۾ برابر جا شريڪ رهيا آهن.ڪنهن کي به پنهنجي سماجي ڍانچي کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين،پيپلز پارٽي پاڪستان جي حقيقي سماجي قدرن ۽ رواداري جو تحفظ ڪندي،پيپلز پارٽي ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ وسيع تر قومي اتفاق ۽ اتحاد لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي
