ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ 612 ايڪڙ زمين تي 120 ميگاواٽ جو سولر پارڪ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) جي قيام جي به منظوري ڏني وئي.سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته موجوده توانائي بحران جي خاتمي لاءِ سنڌ اهم ڪردارادا ڪرڻ وڃي رھيو آھي، صدر آصف علي زرداري ڪالھھ ان سلسلي ۾ بيان جاري ڪيو ھو تھ اسان چاهيون ٿا ته عوام کي هر حال ۾ رليف ڏنو وڃي، صدر آصف علي زرداري سمورين حڪومتن تي زور ڀريو آهي ته اھي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته معاشي ۽ توانائي جا ماهر ان نتيجي تي پهتا آهن ته ٿر جو ڪوئلو توانائي جي هن بحران ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ٿر جي ڪوئلي سان نھ رڳو پاڪستان جي توانائي جو ضرورتون پورويون ٿينديون، پر پاڪستان مان بجلي ايڪسپورٽ بھ ڪري سگھبي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن هڪ رٽائرڊ جنرل کي گرفتار ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب اڄ وڌيڪ 3 اهم گرفتاريون ٿيون آهن، جنهن جي اسان آجيان ڪريون ٿا، شايد انهن گرفتارين جا پيرا 9 مئي سانحي سان ڏانھن ويندا ھجن، ڪجھھ ماڻھو پي ٽي آءِ جي باني سان گڏجي پنهنجن ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ ھر حد پار ڪري ويا، گرفتاريون ثابت ڪن ٿيون ته پاڪستان خلاف سازش ڪندڙن خلاف گھيرو تنگ ٿي رھيو آھي. هن چيو ته اقتدار خاطر پاڪستان خلاف سازشون ڪيون ويون، هر ڪنهن جا پنهنجا مفاد ھُئا، ڪنھن کي ڪو عھدو پيو گھرجي تھ ڪو وري ڪنھن ٻئي فائدي جو خواھشمند ھو، ان لاءِ 9 مئي جي سازش سٽي وئي. 9 مئي جو سانحو هن ملڪ جو بدترين باب هو، 9 مئي جي سانحي جو مقصد عوام کي گمراهه ڪري ڀڙڪائڻ ۽ کين پنهنجن ادارن جي سامهون ڪرڻ هو تھ جيئن ادارن تي دٻاءُ وجهي عمران خان خلاف ڪارروايون بند ڪرايون وڃن ۽ سندس اقتدار لاءِ رستو ھموار ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ جو باني 9 مئي سانحي جي ماسٽر مائينڊ ھو، پي ٽي آءِ اُن ۾ سڌي ريت ملوث هئي، ٻيا به سهولتڪار هئا، تازيون گرفتاريون به 9 مئي جي سازش ۾ ملوث ٿي سگهن ٿيون. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جو ٻيو سهولتڪار آهي جيڪو پي ٽي آءِ کي عدالتن مان رليف ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي به ڪري رهيو آهي. اهو سهولتڪار هڪ بدنام زمانه شخص آهي، جڏهن اهو سهولتڪار انتهائي اهم آئيني عهدي تي هو ته هن ملڪ جي آئين ۽ قانون جي خلاف جيڪا لتاڙ ڪئي، اها پاڪستان جي ڪنهن به شخص کان ڳجهي ناهي، مخالفن جي بيانن جي ڪري ان کي بند ڪيو ويو آهي جيل ۾، سندن ڪيسن کي حسد جي نگاهه سان ڏٺو، اهو سڀ ڪجهه هن بدنام زمانه شخص ڪيو. هن چيو ته هن بدنام شخص پيپلزپارٽي جي قيادت کي گرفتار ڪيو، ان جي چوڻ تي اسان جي ڀيڻ فريال ٽالپر، سيد خورشيد شاهه، آغا سراج دراني کي گرفتار ڪيو ويو، هن دهشتگردي جو ماحول پيدا ڪيو ۽ ھڪ ھٽي وارا فيصلا ڪيا، پاڪستان جي ڪيترائي ماڻهو اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو شڪار ٿيا. هن چيو ته اسان وٽ اطلاع آھن ته اڄ تائين اڳوڻو چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي پُٺيان بيٺل آهي ۽ پي ٽي آءِ جو باني جا معاملا مينيج ڪري رهيو آهي، پر خدا جي لٺ بي آواز آهي، جيڪي عوام تي ظلم ۽ جبر ڪندا ھُئا اڄ اهي سڀ ماڻهو آهن قانون جي پڪڙ ۾ آھن. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيڪي ماڻهو بيگناهه ايمبولينس کي ساڙي رهيا هئا اهي اڪيلا نه هئا، انهن جي پويان سهولتڪار هئا، انهن جا چھرا آهستي آهستي سامھون اچي رهيا آهن، ماڻهو به بي نقاب ٿي رهيا آهن، وڌيڪ به ٿيندا، سڀني لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ڪا به شيءِ ناهي، اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ پارليامينٽ عظيم آهي، ملڪ جا سمورا ادارا عظيم آهن، ڪو به قانون کان مٿانهون ناھي، جيڪو به ملڪ جي ادارن جي خلاف سازش ڪري رھيو آھي چاهي هو اڳوڻو چيف جسٽس هجي يا وري ڪنهن اداري جو اڳوڻو سربراهه هجي، اُن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت کي ڦاسي جي چادر تي چاڙهيو ويو، پيپلز پارٽي جي قيادت تي بم حملا ڪيا ويا، گوليون هلايون ويون، ڪوڙا هنيا ويا، شهيد بي بي جي حڪومت ٻه ڀيرا ختم ڪئي وئي، ٻارنهن سال بنا ڪنهن ڏوهه جي جيل ۾ بند رکيو ويو، پر پيپلز پارٽي ڪڏھن بھ ملڪ ۽ ملڪي ادارن خلاف ڳالھ نھ ڪئي، پي ٽي آءِ خلاف اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي، ايڪشن ڪميشن جو فيصلو ٻڌائي ٿو ته ڀارت ۽ اسرائيل پي ٽي آءِ جي حمايت ڪري رهيا هئا، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هن ملڪ خلاف ڪڌي سازش ھئي. 9 مئي سانحي جي سهولتڪارن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي، جيڪو به 9 مئي جي واقعن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث هجي يا انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي رليف فراهم ڪيو ھُجي، اُنھن کي ڪارروائي ٿيڻ گھرجي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اطلاع آهن ته ثاقب نثار به پي ٽي آءِ جي باني جي سهولتڪاري ڪندو رھيو. سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان هن ماڻهوءَ جنگل جو قانون ٺاهيو هو، جيڪو به ملوث آهي ان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ڪنهن کي به بخش نه ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ صوبو اڄ به سڄي پاڪستان کي سستي بجلي فراهم ڪري رهيو آهي، ٿر مان جيڪوڪوئلو ڪڍيو ويو اھو سستي اگھ تي رڳو سنڌ سرڪار فراهم ڪري رهيو آهي. اسان پاڪستان جي سياست ڪندا آهيون، ڪنهن خاص صوبي جي سياست نه ڪندا آهيون، صدر آصف علي زرداري 2008ع ۾ صدارت سنڀالڻ کانپوءِ توانائي جي منصوبن تي ڪم ڪيو، اهو ئي سندس ويزن هو.










