افغانستان ۾ زلزلو: مارجي ويلن جو انگ 2000 کان وڌي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو آهي.آفت واري وزارت موجب افغانستان ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 2 هزار 53 ٿي ويو آهي. آفت واري وزارت جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب 9 هزار 240 ماڻهو زخمي ۽ 1 هزار 328 گهرن کي نقصان پهتو آهي. افغان اختيارين موجب افغانستان جي صوبي هرات ۾ گذريل رات 6.3 جي شدت سان زلزلو آيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب زلزلي جي گهرائي 76 ڪلوميٽر هئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز اتر اولهه افغانستان هو. اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب زنداجان ۽ غوريان ضلعن جا 12 ڳوٺ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو