لاهور(ويب ڊيسڪ) چيمپئنز ٽرافي جو آسٽريليا ۽ افغانستان وارو ميچ، بارش سبب بنا نتيجي ختم ڪندي ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو آهي. جنهن بعد سٽريليا سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. سڀاڻي ڇنڇر تي ڪراچي ۾ انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ميچ ٿيندو. انگلينڊ ڪا بهميچ ناهي کٽي ۽ ڏکڻ آفريڪا جا 3 پوائنٽ آهن. جيڪڏهن انگلينڊ اها ميچ کٽي به وئي ته هو سيمي فائنل ۾ نه وڃي سگهندي. جيتوڻيڪ هن وقت ڇڏکڻ آفريڪا ۽ افغانستان جا ٽي ٽي پوائنٽ آهن ۽ جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا ميچ هارائي به ويو ته به بهتر رن ريٽ جي بنياد تي افغانستان کان اڳتي هجڻ سبب سيمي فائنل ۾ پهچي ويندو. افغانستان به سيمي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويو آهي. گروپ سطح جو آخري ميچ 2 مارچ آچر تي نيوزيلينڊ ۽ ڀارت وڃ ۾ کيڏيو ويندو. ان ميچ جو جيڪو به نتيجو نڪري ٻئي ٽيمون اڳ ۾ ئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويون آهن. ها البت انگلينڊ جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا کي وڏي مارجن سان شڪست ڏني ته پوءِ رن ريٽ تي افغانستان جو چانس بڻجي سگهي ٿو پر ان جو امڪان گهٽ آهي. ياد رهي ته انگلينڊ جي خراب ڪارڪردگي سبب ڪپتان جوز بٽلر ڪپتاني تان استعيفا جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ون ڊي ۾ سندس ڪپتاني م آخري ميچ سڀاڻي کيڏيو ويندو. ان کان اڳ افغانستان پاران ڏنل 274 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ميٽ شارٽ ۽ ٽريوس هيڊ اننگ شروع ڪئي ۽ ابتدا کان ئي جارحاڻو انداز اختيار ڪيو. افغانستان ٻه ڪيچ ڊراپ ڪيا ۽ نيٺ عمرزئي جي بال تي گلبدين نائب شارٽ جو ڀڄندي ڪيچ پڪڙيو، هن 20 رنسون ٺاهيون.آسٽريليا12.5 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 109رنز ٺاهيون ته بارش سبب ميچ روڪڻي پئي. هن چيمپئنز ٽرافي جي اهم ميچ ۾ افغانستان جي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 50 اوورن ۾ 273 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. اسٽريليا کي پهرين ئي اوور ۾ ڪاميابي ملي جڏهن رحمان الله گرباز کي بنا رن ٺاهڻ جي اسپينسر جانسن بولڊ ڪيو. انگلينڊ خلاف ميچ ۾ ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ ابراهيم زدران به هن ميچ ۾ وڏو اسڪور نه ڪري سگهيو ۽ 22 رنز ٺاهي زمپا جي بال تي لبوشي هٿان ڪيچ ٿي ويو. صديق الله عطل 85 رنز جي اننگ کيڏي، رحمت الله 12، ڪپتان حشمت الله شهيدي 20، عظمت الله عمرزئي 67 ۽ راشد خان 19 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. بين دوارشوس3، زمپا ۽ جانسن ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.










