افغانستان ۽ راشد خان عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو افغانستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. ڊي ايل ايس ميٿڊ مطابق افغانستان بنگلاديش کي 8 رنسن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهتو آهي. 27 جون تي پهرين سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ اڦغانستان ۾ مقابلو ٿيندو ۽ ٻئي سيمي فائل ۾ ڀارت جو مقابلو انگلينڊ سان ٿيندو. جيڪي ٽيمون کٽنديون انهن ۾ فائل ميچ 29 جون تي کيڏيو ويندو. افغانستان 5 وڪيٽن جي نقصان تي 20 اوورز ۾ 115 رنز ٺاهيون ۽ بعد ۾ بارش سبب ميچ 19 اوورن تائين محدود ڪيو ويو هو پر بنگلاديش جي ٽيم 17.5 اوورز ۾ 105 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. بنگلاديش جا 4 رانديگر زيرو تي آئوٽ ٿي ويا، جن ۾ اوپنر تنزيد حسن، شڪيب الحسن، رشاد حسين ۽ مستفيظ رحمان شامل آهن. لٽن داس 54 رنسون ٺاهيون، توحيد 14 ۽ سومي سرڪار 10 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا، ويسٽ انڊيز، بنگلاديش ۽ آمريڪا سپر 8 مرحلي مان آئوٽ ٿي ويا. جڏهن ته پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا پهرين مرحلي مان ئي آئوٽ ٿي چڪا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو