اغوا ٿيل ايس ايڇ او ۽ سپاهي سميت 3 ڄڻا بازياب

اغوا ٿيل ايس ايڇ او ۽ سپاهي سميت 3 ڄڻا بازياب

ڪنڌڪوٽ(ن س )ڌاڙيلن هٿان 8 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مهر ۽ سپاهي سميت 3 ڄڻا بازياب، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي مغوين کي ڳڙهي تيغو جي علائقي مان راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ڪرايو ويو ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او سميت ٽنهي مغوين کي ڌاڙيلن جون حراست ۾ ورتل عورتون آزاد ڪرڻ عيوض ڇڏيو ويو، ذريعن موجب پوليس پنهنجي آفيسر سميت 3 ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ 40 لک روپيا ڀنگ به ڀريو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو