اعتڪاف ۾ ويٺل ٻار سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪوٽ ادو(ويب ڊيسڪ) سناوان بکي چوڪ جي علائقي واري مسجد ۾ اعتڪاف ۾ ويٺل 28 سالن جي شخص 13 سالن جي ٻار کي جنسي حوس جو نشانو بڻائي ڇڏيو. قران حفظ ڪندڙ متاثره ٻار جي والد جي مدعيت ۾ مقامي پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. متاثره ٻار جي والد پوليس کي ٻڌايو ته مسجد جي پيش امام فون ڪري مسجد ۾ گهرايو ته منهنجي پٽ جنسي تشدد جو ٻڌايو. ان کان اڳ مسجد جي پيش امام ۽ جوابدار ۾ ڏند چڪ ٿيا هئا جنهن بعد اعتڪاف ۾ ويٺل جوابدار فرار ٿي ويو آهي. لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او شاهد رضوان جو چوڻ آهي ته جوابدار جي طي لاءِ مختلف جاين تي ڇاپا هنيا ويا ۽ 24 ڪلاڪن جي اندر کيس گرفتار ڪري قانوني ڪاروائي ڪري رهيا آهيون. پنجاب پوليس جي ايڪس اڪائونٽ تي پوسٽ به ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي پنجاب چائلڊ بيورو به گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي ۽ پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي پوسٽ ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو