اطلاعات کاتي جي نئين سيڪريٽري چارج سنڀالي ورتي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) محترمه شهيره شاهد ٻيهر اطلاعات ۽ براڊ ڪاسٽنگ واري وازارت جي وفاقي سيڪريٽري طور چارج سنڀالي ورتي آهي. هوءَ انفارميشن گروپ جي سينئر آفيسر آهي. هوءَ 1988ع ۾ سول سروس آف پاڪستان ۾ شامل ٿي ۽ ڪيترن ئي اهم عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون هوءَ 2 ڀيرا ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر لوڪ ورثا به رهي چڪي آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ DG-II ۽ DG-1 رهي چڪو آهي. هوءَ پرنسپل انفارميشن آفيسر رهي چڪي آهي ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان به رهي چڪي آهي. هوءَ وزيراعظم جي پريس سيڪريٽري طور به ڪم ڪري چڪي آهي. هوءَ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري پڻ رهي چڪي آهي. اڱاري تي وزارت جي جوائنٽ سڪريٽري شفقت عباس گلدستو پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو