اطلاعات کاتو اليڪشن ۾ 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو: احمد شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، اقليتي معاملن، سماجي تحفظ ۽ صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاھ اپاران اطلاعات کاتي ۾ قائم ڪيل اليڪشن سيل جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ مختلف هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي صوبائي وزيراطلاعات چيو ته ميڊيا ذريعي مستند ۽ وقت سر چونڊ نتيجا عوام تائين پهچائڻ لاءِ سنڌ جو اطلاعات کاتو اليڪشن جي ڏهاڙن ۾ 7 کان 9 فيبروري تائين 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات محمد سليم خان، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن اختر حسين سورهيو، ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر پبليڪيشن منصور راجپوت، ڊائريڪٽر پريس حزب الله ميمڻ ۽ مختلف اخبارن ۽ ادارن جا سينيئر صحافي موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو