ٻن اسڪول جي ڇت جا چاپُڙ ڪري پيا، 10 شاگرد زخمي

ٽنڊومحمد خان/ شاهپور جهانيان (لال بخش سٺيو۽ اسد ٻگهيو) بُلڙي شاهه ڪريم ڀرسان ڳوٺ حاجي عمر شورو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپُڙ ڪرڻ سبب 10 شاگرد زخمي ٿي پيا آهن. ٻڌايو ويو آهي ته اسڪول جي ڇت زبون ٿي چڪي آهي جنهن ڪري ان جا چاپڙ ڪرندا رهن ٿا. زخمي ٿيل شاگردن ۾ فرقان علي ولد محمد فاروق، ريحان علي ولد الطاف حسين، محمد رحيم ولد محمد احسان، محمد الياس ولد محمد زڪريا، مهتاب ولد گل حسن، سميع الله ولد ياسين، واحد بخش ولد حاجي عمر شامل آهن. جڏهن ته اسڪول جو پٽيوالو به شامل آهن. واقعي جو اطلاع ملڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر جي هدايتن تحت مختيارڪار عزيزالله سومرو رورل هيلٿ سينٽر بلڙي شاهه ڪريم پهچي زخمين جي سارسنڀال لڌي. ***شاهپور جهانيان ڳوٺ زنوار نيڪ محمد مري ۾ پرائمري اسڪول ۾ شاگردن جي پڙهائي دوران ڇت جا چاپڙ اوچتو ڪري پيا ، چاپڙ ڪرڻ ڪري شاگردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ، استاد ۽ شاگرد معجزاڻي طور محفوظ رهيا ، اوچتو چاپڙ ڪرڻ ڪري اسڪولي شاگردن ۾ حراس پکڙجي ويو.

اسڪول ۾ موجود استاد ضمير حسين مري ٻڌايو ته اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿيڻ ڪري اسڪول جو هڪڙو ڪمرو مڪمل تباه ٿيل آهي ۽ ان جي ڇت به هنڌان هنڌان ٽٽل آهي ، اڄ وري ٻئي ڪمري ۾ به پڙهائي دوران ڇت جا چاپڙ ڪري پيا ، والدين غلام اڪبر مري ، لعل حسين ، محمد جمن مري ، عاشق حسين ، محمد صالح ٻگهيو ، غلام مرتضيٰ  مري ، محمد صديق ٻگهيو ۽ ٻين تعليم کاتي جي اعليٰ  آفيسرن ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته اسڪول جي فوري مرمت ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو