اسڪول جي نئين عمارت ٺهرائي ڏيو،شاگردياڻين جو احتجاج

ٽنڊومستي (نادر علي اڄڻ) ڪولاب جيئل جي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول  جي عمارت زبون  هئڻ ۽ اسڪول جي مرمت نه ٿيڻ خلاف شاگردياڻين پاران احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت ڪافي سالن کان زبون حال بڻيل آھي ۽ وقت بوقت اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ سبب سدائين استادياڻيون ۽ شاگردياڻيون خوف ۾ رهن ٿيون.

هنن چيو ته اسڪول جي نئين سر مرمت ڪرائي وڃي ۽ مرمت لاءِ ڪيترائي دفعا اعليٰ اختيارن کي چيو آھي مگر ڪوبه توجهه نه ٿو ڏئي. هنن چيو ته اسڪول ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ شاگردياڻيون آھن جيڪي عمارت زبون حال  هجڻ ڪري ٻار غير محفوظ بڻيل آھن. هنن وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم سنڌ  کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي زبون حال عمارت جي نئين سر تعمير ڪرائي استادياڻين ۽ شاگردياڻين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو