اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته وزيراعظم عدم اعتماد کان ڀڄي رهيو آهي، اسين ايوان ۾ عدم اعماد تائين ڌرڻو هڻنداسين، اسپيڪر خلاد عدم اعتماد جمع ٿي چڪي آهي ان ڪري هو ڪو به فيصلو نٿو ڪري سگهي. عدم اعتماد کي غير آئيني قرار ڏيڻ ۽ اجلاس ملتوي ڪرڻ جا فيصلا غير آئيني آهن. اسين آئين جي بالادستي لاءِ عدالت به وينداسين.










