اسپتال کي ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو ڏنو ويندو: عذرا پيچوهو

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو  نوشهروفيروز پهچي سول اسپتال جي مختلف وارڊن او پي ڊي بلاڪ، ليبارٽري، آپريشن ٿيٽر، ڊائلاسز سينٽر، ٻارڙن واري وارڊ  جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اتي موجود مريضن توڙي سندن وارثن کان علاوه ايم ايس ڊاڪٽر عبدالله تنيو کان مسئلا معلوم ڪيا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي صحت واري صوبائي وزير چيو ته سول اسپتال جي وزٽ ڪرڻ کان پوءِ ڄاڻ ملي آهي ته هت انيڪ مسئلا آهن ڊاڪٽرن، عملي سميت مشينري جي سخت کوٽ آهي. الٽرا سائونڊ مشين خراب پيل آهي ڊينٽل يونٽس نه هجڻ جي لاءِ ايم ايس کي لکت ۾ ڏيڻ جو چيو آهي. هن چيو ته انشاءَالله سول اسپتال کي سهولتون ڏيڻ سان گڏ ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو درجو پڻ ڏيارينداسين ڊائلاسز سينٽر ۾ مشينون پڻ جلد کان جلد لڳرائيندا سين ان جو ڪم لاڙڪاڻي کان پوءِ جلد شروع ٿي ويندو. هت نيفرو لاجسٽ جي اهم ضرورت آهي جيڪا به پوري ڪئي ويندي ان موقعي تي ڊي ايڇ او بشير احمد سولنگي، ڊي ايس پي سٽي محمد ايوب درس، ڊي پي ڊبليو او ذوالفقار علي لاکو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هيا.

پهنجو تبصرو موڪليو