نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو نوشهروفيروز پهچي سول اسپتال جي مختلف وارڊن او پي ڊي بلاڪ، ليبارٽري، آپريشن ٿيٽر، ڊائلاسز سينٽر، ٻارڙن واري وارڊ جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اتي موجود مريضن توڙي سندن وارثن کان علاوه ايم ايس ڊاڪٽر عبدالله تنيو کان مسئلا معلوم ڪيا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي صحت واري صوبائي وزير چيو ته سول اسپتال جي وزٽ ڪرڻ کان پوءِ ڄاڻ ملي آهي ته هت انيڪ مسئلا آهن ڊاڪٽرن، عملي سميت مشينري جي سخت کوٽ آهي. الٽرا سائونڊ مشين خراب پيل آهي ڊينٽل يونٽس نه هجڻ جي لاءِ ايم ايس کي لکت ۾ ڏيڻ جو چيو آهي. هن چيو ته انشاءَالله سول اسپتال کي سهولتون ڏيڻ سان گڏ ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو درجو پڻ ڏيارينداسين ڊائلاسز سينٽر ۾ مشينون پڻ جلد کان جلد لڳرائيندا سين ان جو ڪم لاڙڪاڻي کان پوءِ جلد شروع ٿي ويندو. هت نيفرو لاجسٽ جي اهم ضرورت آهي جيڪا به پوري ڪئي ويندي ان موقعي تي ڊي ايڇ او بشير احمد سولنگي، ڊي ايس پي سٽي محمد ايوب درس، ڊي پي ڊبليو او ذوالفقار علي لاکو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هيا.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو