اسپتال تي حملي جي وڪيلن جرئت ڪيئن ڪئي، عدالت

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولوجي تي حملي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته اسپتال تي حملو جنگ م به ناهي ٿيندو. ٻڌڻي دوران وڪيلن جي نمائندي اعظم نذير کي مخاطب ٿيندي جسٽس باقر چيو ته اوهان کي جرئت ڪيئن ٿي اسپتال تي حملي جي. وڪيل هڪ موقعي تي چيو ته واقعو غلط فهمي جو نتيجو آهي. جنهن تي عدالت چيو ته هن کي اوهين واقعو ٿا چئو؟ اسان تي جيڪو ڪجهه گذري پيو اوهان کي اندازو ئي ناهي، هي عام واقعوناهي، اسپتال تي حملو جنگ ۾ به ناهي ٿيندو. وڪيل چيو ته اسين ان جي مذمت ڪئي آهي. عدالت چيو ته وڪيلن ۾ ڪاريون رڍون موجود آهن. جسٽس انوارالحق چيو ته هڪ ويڊيو عجيب آهي جنهن ۾ وڪيل چون ٿا ته هي ڊاڪٽر جو موت آهي. وڪيل چيو ته زخمي وڪيلن کي ميڊيڪل لاءِ آندو ويو ته ڊاڪٽرن انڪار ڪيو. جنهن تي عدالت چيو ته اوهان کي هاڻي اندازو ٿيو!. عدالت وڪيلن جي ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 16 ڊسمبر (ملڪ ٽٽڻ ۽ بنگلاديش ٺهڻ جي تاريخ) تائين وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته 11 ڊسمبر تي دل جي استقبال تي حملي ۾ 83 وڪيل گرفتار آهن. 46 وڪيل جھوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهن ۽ 8 وڪيل پوليس رمانڊ تي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو