اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، 78 هزار پوائنٽس جي حد بحال

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، 78 هزار پوائنٽس جي حد بحال

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي.ڪاروباري هفتي جي پنجين ۽ آخري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 265 پوائنٽس جي واڌ سان 100 انڊيڪس 78 هزار 4 پوائنٽس جي سطح تي واپار ڪري رهيو آهي.ياد رهي ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن ڪاروبار منفي زون ۾ رهيو جنهن سبب 100 انڊيڪس 146 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 77 هزار 740 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي.ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي آمريڪي ڪرنسي جي قدر ۾ 16 پئسن جي گهٽتائي ٿي، انٽربينڪ سطح تي ڊالر 278 رپيا 66 پيسا کان گهٽجي 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو