اسلام آباد جو پشاور لاءِ 144 جو ٽارگيٽ، فرحان جي سينچري

اسلام آباد جو پشاور لاءِ 144 جو ٽارگيٽ، فرحان جي سينچري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ٽونامينٽ جو هيستائين وڏي ۾ وڏو اسڪور يعني 243 رنسون ٺاهيون. پي ايس ايل جو پنجون ميچ اڄ راولپنڊي ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي ۾ کيڏيو پيو وڃي. اسلام آباد جي ڪپتان شاداب خان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. صاحبزاده فرحان ۽ اينڊريز غوث جارحاڻي انداز ۾ اننگ شروع ڪئي پر غوث زيرو تي رن آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد اسلام آباد کي گذريل ميچ کٽائيندڙ ڪولن منرو آيو. ٻنهي 10 رنز في اوور کان ايوريج هيٺ اچڻ نه ڏني. پاور پلي جي 6 اوورن ۾ اسلام آباد هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 72 رنز اسڪور ڪيون. اٺين اوور ۾ فرحان 26 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. جنهن بعد به هن طوفاني بيٽنگ جاري رکي ۽52 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 13 چوڪن جي مدد سان 106 رنسون ٺاهي الزاري جوزف جي بال تي حسين طلعت هٿان ڪيچ ٿيو. بابر اعظم هلي اچي کيس سينچري ٺاهڻ تي مبارڪ ڏني. جنهن بعد اعظم خان۽ ڪولن منرو جارحاڻي راند جاري رکي، منرو حسين طلعت جي بال تي ڪيپر حارث هٿان ڪيچ ٿيو، هن 27 بالن تي 40 رنسون ٺاهيون، هن 6 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هنيو. جنهن بعد اعظم خان 2 ڇڪن جي مدد سان 9 بالن تي 16 رنز ٺاهي، حسين طلعت جي بال تي صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد جيسن هولڊر ۽ سلمان آغا اسڪور اڳتي وڌايو. پر حسين طلعت سلمان آغا کي ڪيڊمور هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 15 بالن تي 30 رنسون ٺاهيون. هن 2 ڇڪا ۽ 2 چوڪا هنيا. جنهن بعد بين دوارشس آيو جنهن 18 رنز ناٽ آئوٽ ۽ جيسن هولڊر 20 تي ناٽ آئوٽ رهيو. محمد علي 4 اوورن ۾ 51 رنز ڏنيون ڪا وڪيٽ نه ملي، الزاري جوزف 4 اوورن ۾ 39 رنسون ڏئي 2 وڪيٽو، ۽ حسين طلعت 3 اوورن ۾ 39 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. علي رضا 3 اوورن ۾ 45 ۽ سفيام مقيم 3 اوورن ۾ 35 رنس ڏنيو کين ڪا وڪيٽ نه ملي. 2 اوور جارج لنڊي ڪرايا20 رنسون ڏنئين هنکي به وڪيٽ نه ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو