مُحمد يُوسف ڀُٽو
اھو ڏينھن 7 آڪٽوبر جو ھو، جنھن کي 20 ڏينھن ٿيڻ وارا آھن. ان ڏينھن صبح جو سج جي پھرئين ڪِرڻن سان گڏ ئي نام نھاد ۽ غيرقانوني يھودي رياست اسرائيل جي گاڌي واري ھنڌ تل ابيب تي غزا مان راڪيٽن جي برسات ٿي. جن ۾ ڪئين بلڊنگز چٽ ٿي ويون. ڪارن ۽ گاڏين کي باھيون وٺي ويون. حماس جا مجاھد تاريخ ۾ پھريون دفعو پيرا گلائيڊرز جو استعمال ڪندي اسرائيل جي لڳايل واڙ ۽ حفاظتي ديوار کي عبور ڪندي ڏکڻ اسرائيل (يعني اسرائيل پاران فلسطينين جا زبردستي ۽ دوکي سان ڦٻايل يا والاريل علائقا) جي شھرن ۾ پھتا، نہ صرف فضا پر زميني ۽ بحري رستن ذريعي بہ اسرائيل جي فوجي ھيڊڪوارٽرن ۽ گاڏين کي نشانو بڻايو. حماس پنھنجي ھن آپريشن کي ”طوفان الاقصيٰ“ جو نالو ڏنو. ھن آپريشن جي نتيجي ۾ ڏکڻ اسرائيل جا 7 کان وڌيڪ شھر جنگ جو ميدان بڻيا. اسرائيل جو بدنام زمانہ خفيہ ادارو موساد ڪابہ پيشگي اطلاع ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويو. ھي دنيا جي ھڪ ايڊوانس ويپنز سان ليس ان ملڪ جو انٽيليجنس فيليوئر ھو جيڪو پنھنجي ايجنسي تي غرور ۽ تڪبر ڪندو ھو. اسرائيل جو مھانگي م مھانگو اينٽي ميزائل سسٽم آئرن ڊوم حماس جي راڪيٽ حملن کي روڪڻ ۾ فيل ٿي ويو. ھميشہ طاقت جي نشي ۾ ڌت رھندڙ تل ابيب دنيا آڏو تماشو بڻجي ويو. حماس جي حملن اسرائيلي DEFENCE SYSTEM کي مفلوج ڪري مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. حقيقت اھا تہ حماس اسرائيل جي خفيہ اداري ۽ ايڊوانس ھٿيارن جي ڪارڪردگي تي نہ رڳو دانگي ملي ڇڏي پر انھن کي دنيا آڏو بري نموني وائکو بہ ڪري ڇڏيو. حماس جي ”طوفان الاقصيٰ“ ۾ وڏي تعداد ۾ اسرائيل جي قابض صيھوني فوجين ۽ انھن جي ھڪ جرنيل کي پٽ تان گھِيريندي سوگھو ڪري غزا منتقل ڪيو ويو. حماس جي راڪيٽ حملن بعد سينٽرل اسرائيل ۾ بزدل صيھونين۾ ڀاڄ ۽ افراتفريح جا منظر پوري دنيا جي ٽي وي چينلز تي ڏٺا ويا. تل ابيب ۾ تہ جنگي سائرن وڄندي روڊ ويران ٿِي ٿي ويا. اسرائيلي ھوائي اڏن تان فلائيٽون بند ٿي ويون. ڏينھن جو حملن بعد پاڻ کي آئرن شيلڊ قرار ڏيندڙ اسرائيل ٽرڪن تي پنھنجي جنگي طيارن کي محفوظ بڻائڻ لاء لڪائيندي نظر آيو. انھن منظرن جون باقاعدي وڊيوز وائرل پي ٿيون.حماس صرف 20 منٽن ۾ صيھوني رياست تي 5 ھزار راڪيٽ فائر ڪري دنيا کي حيران ڪيو.وڏي حيرت جي ڳالھ اھا تہ ھي ”طوفان“ ان شھر مان اٿيو جيڪو سالن کان دشمن پاران ناڪابندين ۽ پابندين جو شڪار رھيو.ان بعد سفاڪ اسرائيل فلسطيني شھر غزا تي مسلسل حملا ڪرڻ لڳو. جيڪي تاحال جاري آھن. سفاڪ اسرائيل غزا تي جيڪي حملا ڪيا اھي زيادہ تر عام فلسطيني مسلمانن، انھن جي گھرن، رھائشي عمارتن، اسڪولن حد تہ اھا تہ اسپتالن ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ عام ماڻھن جي قافلن تي بہ حملا پيو ڪري. اسرائيلي حملن ۾ غزا شھر ملبي ڍير ٿو نظر اچي. غزا تي صيھوني رياست اسرائيل جي حملن بعد لبنان ۽ اسرائيل واري بارڊر تي لبناني شيعہ مزاحمتي تنظيم حزب ﷲ ۽ اسرائيلي صيھوني فورسز ۾ ڇڪتاڻ وڌندي ئي حزب ﷲ بہ صيھوني فوجين تي حملا شروع ڪري ڏنا. ھڪ اندازي موجب حماس ۽ حزب ﷲ جي حملن ۾ ھيستائين 2 ھزار کان وڌيڪ صيھوني ھلاڪ ۽ 5 ھزار کان مٿي زخمي ٿيا آھن.حماس جي ڊپٽي چيف چيو آھي تہ ”اسرائيل تي ھر طرف کان حملا ڪيا آھن. ھيءَ جنگ آزادي تائين جاري رھندي“ حماس جو چوڻ اھو بہ چوڻ ھو تہ ”طوفان الاقصيٰ“ صيھونين جي بار بار تشدد ۽ ظلمن توڙي مسجد الاقصيٰ جي بي حُرمتي جي ردعمل ۾ آيو آھي“افسوس اھو تہ فلسطينين جي سخت ردعمل بعد ھن وقت غزا صيھوني بربريت جي ور چڙھيل آھي پر غزا جو اٽل عزم اھو تہ غزا جُھڪڻ لاء تيار ناھي. مسلسل استحصالي ۽ چؤگرد گھيرا بندي باوجود غزا واسي غيرت سان جيئندا رھيا. سچ تہ غزا غيرت ۽ وقار جو نالو آھي. غزا غمن کي دشمن خلاف طوفان ۾ بدلائي ڇڏڻ جو بہ نانء آھي.آميريڪي ۽ برطانوي جنگي ٻيڙا اسرائيل جي تحفظ لاء ان جي آسپاس تعينات ٿي ويا آھن. جن جي پناھ ۾ سفاڪ اسرائيل جي رياستي دھشتگردي ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آھي. افسوس غزا تان غمن جا بادل لھن ئي نٿا. ھي ياد رھي تہ اولھ جي طاغوتي طاقتن جي پاڇي ۾ غزا ۾ خون ۽ باھ جي ھولي کيڏي پئي وڃي.غزا جيڪو بھار جي بوء آھي، اسرائيل بارود جي بوء آھي. غزا جيڪو روشني آھي، اسرائيل انڌڪار آھي. اھو غزا جو شھر روشنين جي ان ڏيئي وانگر آھي جيڪو صيھونيت جي ظلمتن جي ھزار بار ڪوششن باوجود اُجھامڻ جو نالو ئي نہ ٿو وٺي ۽ اھڙي روشني کي ھر اھلِ دل جو سلام!
غزا غم جي تصوير بڻيل آھي، غزا انساني ضمير جو آواز بڻيل آھي، غزا ھر اھلِ دل جي اشڪبار اکين ۾ گھر ڪري ويٺل آھي پر غزا بي رحم بگھڙن، ڳجھن، ارڙ بلائن ھٿان چؤڌاري گھيريل بہ آھي. غزا تي واسينگ وار ڪري رھيا آھن. غزا کي ھڙپ ڪرڻ لاء دنيا جون بي رحم شيطاني قوتون جلاد اسرائيل جي پُٺي ٺَپي ان کي ھمٿائي رھيون آھن ۽ شيطاني قوتن جو ساٿاري اسرائيل غزا جي ناڪابندي ڪري اتي جي شھرين کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪري رھيو آھي. اھا 1948ع وانگر ٻيھر مقامي ۽ اصل رھواسين کي زبردستي ٻاھر ڪڍڻ عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي وڏي لتاڙ آھي جيڪا ھن وقت ھن مھذب دنيا ۾ ٿي رھي آھي. وڏي شرم جي ڳالھ اھا تہ آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس وغيرہ بجاء جنگ بندي جون ڪوششون ڪرڻ جي، ٻيڻو عالمي دھشتگرد رياست اسرائيل جي حمايت ۾ پيش پيش آھن. آمريڪا تہ غزا تي سنگين اسرائيلي حملن جو دفاع ڪندي انھن کي اسرائيل جو حق ڪوٺيو آھي. بي گناھ شھرين تي اگر اڄ جي دنيا ۾ بہ اسرائيل جھڙي سفاڪ رياست ۽ ان جو صيھوني وزيراعظم نيتن ياھو فاسفورس بمن ۽ ڪلسٽر بمن جو استعمال ڪري تہ اھا سموري انسانيت کي لڄائيندڙ ڳالھ آھي. ھڪ وحشي ۽ انسانيت کان ڪريل شخص جو صيھوني رياست اسرائيل جو ان نھايت ڪڌي عمل بعد بہ وزيراعظم جي منصب تي رھڻ دنيا جي امن ۽ سلامتي متعلق سوال اٿاري ٿو. ھن صيھوني شخص کي خود اسرائيلي ميڊيا ھن تازي صورتحال جو ذميوار قرار ڏنو آھي تہ ھي ڏکڻ فلسطين ۾ مسلسل فلسطينين جي زمينن تي يھودي آبادڪارن کي رھائڻ ۾ لڳو پيو ھو.جنگ جي ويھين ڏينھن تائين قاتل صيھوني اسرائيل جي تازي رياستي دھشتگردي جي نتيجي ۾ غزا جا 5 ھزار ست سئو کان وڌيڪ بي ڏوھي شھري شھيد ٿيا آھن، ھزارين فلسطيني زخمي ۽ 15 لک فلسطيني بي گھر بڻجي ويا آھن.سفاڪ اسرائيلي ظلمن جو اندازو ان مان لڳايو جو نقل مڪاني ڪندڙن ۽ پناھ گاھ واري ڪئمپن ۾ ترسيلن تي بہ ھن سفاڪ ۽ رھزن صيھوني رياست حملا ڪيا. ھن کان وڌيڪ ٻي ڪا عالمي دھشتگردي جي تشريح ٿي سگھي ٿي؟ ٻيو ڪو سنگين عالمي جنگي ڏوھ ٿي سگھي ٿو؟ اسرائيل رھزني جون سموريون راھون لتاڙي ڇڏيون. درندي صفت صيھوني نيتن ياھو کان وڌيڪ دنيا ۾ شايد انساني رت پياڪ ڪو ھجي!برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي اسرائيلي ظلم ڏيکاريندڙ وڊيو جاري ڪري اسرائيل جي حامي نام نھاد عالمي طاقتن جي منھن تي ڇماٽ ھنئين آھي. واضح رھي انھيءَ مشھور عالمي خابرو اداري بي بي سي حماس کي دھشتگرد قرار ڏيڻ کان انڪار ڪري حڪومتي ۽ شاھي خاندان جي ڊڪٽيشن قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بي بي سي تي صيھوني نواز برطانوي حڪومت ۽ اتي جي شاھي خاندان جو دٻاء ھو تہ اھا حماس کي دھشتگرد قرار ڏي پر بي بي سي حماس بابت اھڙو زھريلو دٻاء قبول نہ ڪندي، اھڙو لفظ استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪري پنھنجي ساک کي نہ صرف برقرار رکي ڇڏيو پر ذميوار خابرو اداري ھئڻ جو تاثر بہ قائم ڪري ڇڏيو. جڏھن تہ ٻي مغربي دنيا سميت ڀارتي ميڊيا جي اسرائيل خلاف برسرِ پيڪار فلسطيني ۽ مسلم مزاحمتي تنظيمن حماس ۽ حزب ﷲ خلاف منفي خبرن ۽ پروپيگنڊا جو سلسلو بہ جاري آھي.ھڪ طرف امن جو ازلي دشمن اسرائيل آھي، ٻئي طرف پنھنجي ڌرتي تان صيھوني والار ختم ڪرائڻ ۽ بيت المقدس جي آزادي لاء جدوجھد ڪندڙ مظلوم فلسطيني آھن. ھڪ طرف دنيا جھان جا جديد ترين ھٿيار آھن تہ ٻئي پاسي صرف آزادي جو جذبو آھي. اميد اھا ئي آھي تہ ”الاقصيٰ طوفان“ فلسطينين لاء فتح جو استعارو بڻجي، غاصب صيھونيت جي شڪست جو بہ باعث بڻبو. ھن جنگ ۾ عالمي طور تي ھن وقت تائين اسرائيل جي نقصان جو 7 ارب ڊالرز تائين اندازو لڳايو پيو وڃي پر اسرائيل ـ حماس جنگ ۾ ڪن ماڻھن جو خيال اھو بہ آھي تہ عالمي انساني برادري کي گمراھ ڪرڻ لاء ڄاڻي واڻي اسرائيل جو وڏو نقصان ٻڌايو پيو وڃي. جڏھن تہ نھايت داداگيري، وحشياڻي نموني ۽ وڏي سفاڪي سان فلسطينين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. فلسطينين جي نہ مسجد محفوظ رھي، نہ گھر، نہ اسڪول نہ اسپتال. حد تہ اھا آھي تہ اسپتالن، ايمبولينسز ۽ رھائشي عمارتن کي بہ بخش نہ پيو ڪيو وڃي. ڇو تہ غزا جي بجلي، پاڻي توڙي کاڌ خوراڪ جي فراھمي بند ڪئي وئي آھي. روز وڏي تعداد ۾ فلسطينين کي شھيد ۽ زخمي ڪيو ويو آھي، شھيد ٿيندڙن ۾ ٻار ۽ عورتون شامل آھن. غزا جي 12 اسپتالن ۾ گنجائش ختم ٿي وئي آھي. موبائل جي روشني ۾ زخمين جا علاج ڪيا پيا وڃن. جڏھن تہ لکين بي گھر ڪيا ويا آھن. ان صورت ۾ سازش اھا آھي تہ اھڙيون خبرون ڦھلائي عالمي طور تي ڪٽر ۽ انسانيت کان عاري اسرائيل خلاف مؤثر احتجاجن ۽ وڌندڙ نفرت کي روڪيو وڃي. ھٿ وٺي اھڙي صورتحال پيدا ڪري رھيل غزا جي علائقي کي بہ ھضم ڪيو وڃي. عالمي امن جا دعويدار نام نھاد ٺيڪيدار آمريڪا ۽ برطانيا بکايل بگھڙن ۽ ڳجھن وانگي وچ اوڀر تي لامارا ڏئي رھيا آھن. ھنن جو ڪڌو ڪردار بس ايترو آھي صيھونين جو تحفظ ۽ صيھونين جي ھر غلاظت کي صاف ڪرڻ آھي. دنيا کان ھو اھو سچ ڪيترو لڪائيندا تہ اسرائيل انسانيت خلاف آزار جو نالو آھي، اسرائيل عالمي امن تي ھڪ بدنما داغ آھي.ھوڏانھن اسرائيل جي حمايت ڪرڻ بعد ڀارت جي منافقت بہ اجھو ظاھر ٿي. يعني ھڪ بدمعاش اسرائيل جھڙي ٻي بدمعاش جي حمايت ۾ سامھون اچي آمريڪا ۽ يورپ وارن جي ڪاوڙ کي گھٽائڻ جي ڪوشش ۾ آھي، ڇو تہ ڪينيڊا ۾ سِک اڳواڻ ھرديپ سنگھ نجر جي قتل ۾ بدنام زمانہ ڀارتي خفيہ اداري ”را“ جو ھٿ ثابت ٿيڻ ۽ ڪينيڊا پاران ھڪ اھم ڀارتي سفارتڪار جي ملڪ نيڪالي ڀارت جي عالمي دھشتگردي واري چھري کي وائکو ڪيو ويو. موٽ ۾ ڀارت بہ ڪينيڊين سفارتڪار کي ملڪ بدر ڪيو پر ڪينيڊين وزيراعظم جو کُلم کُلا ڀارت کي سک اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث قرار ڏيڻ ۽ واقعي کي ڪينيڊا جي خودمختياري ۽ آزادي تي حملو ۽ مداخلت قرار ڏنو. عالمي ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب ڪينيڊا ڀارت سان تجارتي معاھدا معطل ڪري، ڀارت مان پنھنجا ڪيترائي سفارتڪار واپس گھرائي بہ چڪو آھي. آمريڪا ۽ مغربي دنيا ان واقعي تي ڪينيڊا سان گڏ بيھي رھي ۽ واقعي جي تحقيقات ۾ سھڪار ڪرڻ لاء ڀارت تي دٻاء وڌو ويو. ڀارت ھاڻ وري موقعي مان فائدو وٺي اسرائيل جي حمايت ڪري مغربي دنيا وٽ SOFT IMAGE قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي.
اسرائيل عالمي قبضا گير رياست آھي جنھن جي بڻ بنياد ۾ جارحاڻا ارادا سمايل آھن. اسرائيل صرف انتھاپسند يھودي رياست ئي نہ آھي پر جارحيت پسند رياست طور دنيا ۾ ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. اسرائيل جا ارادا توسيع پسندانا بہ آھن، اسرائيل جا صيھوني عراق جي فرات درياء تائين ڦھلاء جي زھريلي سوچ رکن ٿا ۽ ھر وقت گريٽر اسرائيل جا خواب ڏسن ٿا. جنھن ڪري اسرائيل جا پاڙيسري ملڪ خوف ۽ عالمي امن بہ مسلسل خطري ۾ رھي ٿو.ھوڏانھن روسي صدر پيوٽن فلسطينين جي حمايت ڪندي چيو آھي تہ ”آزاد رياست فلسطينين جو حق آھي“ ۽ چيني صدر پڻ ھن مسئلي جي مستقل حل لاء آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪئي. مسلم دنيا جا اڪثر حڪمران خاموش آھن.جڏھن تہ ايران حماس جي واضح حمايت ڪري ڇڏي. شام، لبنان ۽ يمن بہ حماس سان بيٺل آھن.عالمي دھشتگرد صيھوني وزيراعظم نيتن ياھو جي غزا ۽ ٻين فلسطيني شھرن ۾ جنگي ڏوھن خلاف ۽ فلسطين جي حق ۾ ايشيا کان يورپ، آفريڪا کان آمريڪا تائين احتجاجي مظاھرا جاري آھن. اسلامي دنيا جا شھري تہ ھونئن بہ اسرائيلي دھشتگردي خلاف رستن تي آھن. ھوڏانھن ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿيندڙ ھڪ وڏي احتجاج جي اڳواڻي نيلسن منڊيلا جي پوٽي ڪئي.نيويارڪ ۾ يھودين جو غزا جي حق ۾ مظاھرو ٿيو. خود اسرائيل ۾ اسرائيلي شھري فلسطينين ۽ غزا جي حق ۾ مظاھرا ڪري رھيا آھن. ھوڏانھن غزا تي ٿيل اسرائيلي رياستي دھشتگردي ۽ بربريت خلاف يورپ ۾ رھندڙ يھودي بہ ٻاھر نڪتا. يورپ جي سڀني وڏن شھرن ۾ ٿيندڙ مظاھرن ۾ يھودي بہ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا آھن. انھن مظاھرن ۾ فلسطيني عوام جي حقن کي مڃڻ جا مطالبا بہ ڪيا ويا.يورپ جي دي ھيگ شھر ۾ انصاف جي عالمي عدالت ٻاھران احتجاجي مظاھرا بہ ٿيا آھن پر پوء بہ انصاف جا در بند آھن ڇو تہ عالمي رھنمائن جو ضمير سجاڳ نہ ٿيو آھي. بي شرمي جو ان کان وڌيڪ ڪھڙو مثال ملندو جو ڪجھ بااثر مغربي حڪمران اسرائيل سان يڪجھتي جو اظھار ڪرڻ پھچي ويا. ھيءَ سنگدلي ۽ بي حِسي آھي بلڪہ نھايت ڪميڻپ بہ آھي. انھن انڌن کي يوڪرين نظر اچي ٿو، صيھوني نظر اچن ٿا بس غزا نظر نٿو اچي. اھو غزا جنھن جا ماتمي منظر سنگدل عالمي ضمير کي جھنجھوڙين پيا. غزا سان انصاف نہ ٿيو تہ وچ اوڀر مان طويل مزاحمت اسرائيل جي جلادن جي منتظر رھندي! اھا باھ پکڙي تہ تپش اسرائيل جي پشت پناھي ڪندڙن تائين بہ پھچندي! صورتحال اھا آھي تہ پورو وچ اوڀر ھنن ڏينھن ٻري پيو اگر اسرائيل جي رياستي دھشتگردي نہ رڪجي ۽ غزا جي گھيري سميت فلسطيني علائقن تان والار ختم نہ ڪئي وئي تہ وچ اوڀر جي عوام ۾ غم ۽ نفرت جي لھر کي اسرائيل طرف وڌڻ کان ڪير بہ نہ روڪي سگھندو، خاص ڪري اھي ملڪ جن جون سرحدون غاصب رياست اسرائيل سان ملن ٿيون، ڪابہ حفاظتي واڙ يا ديوار اسرائيل جي ڪم نہ ايندي ۽ ھي پورو خطو ٻري اٿندو ۽ پوء جنھن ۾ شايد ڪٿي بہ اسرائيلي وجود باقي نہ رھي!
