اسٽيل ملز جي نجڪاري خلاف ملازمن جو احتجاج، مزاحمت جو اعلان

ملير( رپورٽ درياخان شر) اسٽيل ملز جي نجڪاري واري فيصلي خلاف ملازمن سخت احتجاج ڪندي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي هڪ پاسو بند ڪري ڇڏيو. جنهن سبب ڪراچي ۽ ٺٽو ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ متاثرٿي. ملازمن جو چوڻ آهي ته اسٽيل ملز کي خانگائڻ جو  فيصلو سندن ٻچڙن جو معاشي قتل آهي جيڪو هو ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ڪندا. اسٽيل ملز کي خانگائڻ واري فيصلي خلاف ملازمن ملز جي گيٽ کان نيشنل هاءِ وي تائين احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو.

مختلف يونين سان تعلق رکندڙ ملازمن جي ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي جو هڪ پاسو بند ٿي ويو، جنهن ڪري گاڏين جي اچ وڃ متاثر ٿي.احتجاج ڪندڙ ملازمن چيو ته ملز کي ڪنهن به صورت ۾ وڪرو ٿيڻ ڪو نه ڏينداسين ۽ سموارا ملازم يونين کان مٿانهان ٿي مزاحمت ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو