استعيفيٰ ۽ چونڊن بابت مطالبا رد، مولانا جو بيان بغاوت آهي،عدالت وڃبو

اسلام آباد (اياز مهر) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومت اپوزيشن پاران وزيراعظم جي استعيفيٰ ۽ وقت کان اڳ چونڊن بابت مطالبا رد ڪري ڇڏيا آهن. اجلاس بعد اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ ٺاهيل ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو ته مولانا جو وزيراعظم جي گهر مان گرفتار ڪرڻ جو بيان بغاوت آهي ان خلاف حڪومت عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي استعيفييٰ بابت غور لاءِ تيار ناهيون. هنن معاهدوي جي خلاف ورزي ڪئي ته انتظاميا ڪاروائي ڪندي. هن سان گڏ اسد عمر، شفقت محمود ۽ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ به گڏ هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ميمبرن وزيراعظم کي چيو ته اپوزيشن سان سندن رابطا آهن ۽ مولانا فضل الرحمان سان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي سميت ٻيون ڌريون ڌرڻي تي متفق ناهن ۽ جلد اپوزيشن ۾ اختلاف سامهون اچڻ وارا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ميمبرن اهو به چيو ته جيترا مولانا سان گڏ ماڻهو آهن ايترا اسين 24 ڪلاڪن جي نوٽيس تي گهرائي سگهون ٿا، جيڪڏهن ڪيل واعدي تان مولانا ڦري ٿو وڃي ته پوءِ اخلاقي طور حڪومت به آجي هوندي ۽ ساڻن طاقت سان منهن ڏنو ويندو. ذريعن موجب فوجي ترجمان پاران آئين موجب حڪومت سان گڏ هئڻ واري بيان تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ته اپوزيشن بليڪ ميلنگ ۾ نه اچبو. ٻئي پاسي اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ آئنده جي حڪمت عملي بابت غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي ڌرڻي جي مخالفت ڪئي آهي. ۽ فوري طور تي اسمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ تي به اخلاف راءِ موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو