اسان کي ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ وفا جو وچن ورجائڻ گهرجي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 23 مارچ پاڪستان جو ڏهاڙو ملڪ جي باني اڳواڻن جي جدوجهد ۽ ترقي طرف اسان جي اجتماعي سفر کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي وطن کي قائم ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي، جتي آزادي، انصاف ۽ برابري جو راڄ هجي.يوم پاڪستان جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 23 مارچ تي قوم ملڪ جي باني اڳواڻن جي قربانين ۽ اٽل ارادي کي خراج عقيدت پيش ڪندي آهي، پ پ ملڪ جي بانين جي نظرين خاص ڪري قائداعظم جي ويزن جي پاسداري لاءِ اٽل بيٺل آهي.هن چيو ته ان اهم ڏهاڙي جي موقعي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي عزم کي به ڀيٽا پيش ڪجي ٿي، جن بنا ڪنهن ڊپ جي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، قائد عوام ۽ شهيد راڻي جي ميراث اسان جي لاءِ سندن مشن کي پورو ڪرڻ واري سفر ۾ رهنمائي جو ڪرڻو بڻيل رهندي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڊي تي اسان کي پنهنجي پياري ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ وفا جو وچن ورجائڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو