اسان ٻوڏ متاثرين لاءِ دنيا ڏانهن هٿ نه وڌايو: مريم نواز

اسان ٻوڏ متاثرين لاءِ دنيا ڏانهن هٿ نه وڌايو: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته هن ٻوڏ متاثرين لاءِ دنيا ڏانهن هٿ نه وڌايو ۽ نه ئي ڪنهن کان مدد گهري، اوڪاڙه ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ ٻوڏ ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جڏهن ٻين هنڌن تي ٻوڏ ايندي آهي ته ماڻهو سڄو سال روئندا آهن، اسان بلڪل به نه روئندا آهيون، مريم نواز چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هر موقعي تي سندس حوصلا افزائي ڪئي ۽ کيس مبارڪباد ڏني. ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ شهباز شريف چيو ته توهان ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت محنت ڪئي، مون توهان کي ٻڌايو ته مون اهو سڀ ڪجهه توهان ۽ نواز شريف کان سکيو آهي، هن چيو ته ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو اندازو لڳائڻ لاءِ سروي جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ۽ ڪرپشن جا رستا بند ٿي ويا آهن،مريم نواز ٻوڏ متاثرين ۾ چيڪ پڻ ورهايا ۽ چيو ته ٻوڏ متاثرين لاءِ مختص ڪيل 100 ارب صرف متاثرين کي ملندا.

پهنجو تبصرو موڪليو