اسان سان ظلم آهي حياتي کي خطرو آهي، فهميده مرزا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه پئي ڪري، سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ ماڻهن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ ڪنهن به شاخ جي کاٽي نه ڪرائي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فهميده مرزا چيو ته اسان تي ظلم وڌي رهيا آهن، وفاقي وزير هوندي به چوان ٿي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي. سنڌ ۾ 14 سالن کان حڪمراني هڪ سليڪٽيڊ حڪومت وٽ آهي، پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ تي منهنجي زمين تي حملا ڪيا وڃن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو