اسان جي منشور ۾ گارگند ۽ نفرت جي سياست ناهي :بلاول ڀٽو

ساهيوال (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مون کي هڪ ڀيرو موقعو ڏيو ته ملڪ ۽ عوام جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندس، اسان جي منشور ۾ گارگند ۽ نفرت جي سياست ناهي، پ پ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا مسئلن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. ساهيوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جيڪڏهن نفرت ۽ ورهاست جي سياست چاهي ته پوءِ ڀلي شينهن کي ووٽ ڏئي پر جيڪڏهن اهي ملڪ جي قسمت تبديل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ نئين قيادت سامهون آڻڻ چاهين ٿا ته تير تي ٺپو هڻن. هن چيو ته ملڪ ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي، پ پ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا مسئلن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي، اسان کانسواءِ ٻيون جماعتون نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪري رهيون آهن، مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو اڻپورو مشن پورو ڪندس، ان لاءِ توهان جي ساٿ جي ضرورت آهي.سندس چوڻ هو ته مان نفرت ۽ ورهاست جي سياست کي ختم ڪرڻ لاءِ چونڊ وڙهي رهيو آهيان، اسان کي اقتدار مليو ته 10 نڪاتي ايجنڊا تي عمل ڪندي سڀني جا مسئلا حل ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو