ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته بالي ووڊ اداڪار ارباز خان ميڪ اپ آرٽسٽ شوري خان سان شادي ڪرڻ وارو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اداڪار ارباز خان هن مهيني جي 24 تاريخ تي شادي ڪري رهيو آهي، سندس شادي ميڪ اپ آرٽسٽ شورا خان سان ممبئي ۾ ٿي جنهن ۾ ويجهن مائٽن شرڪت ڪئي.شورا خان هڪ ميڪ اپ آرٽسٽ آهي جيڪا اداڪاره روينا ٽنڊن ۽ سندس ڌيءَ سان گڏ ڪم ڪندي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ارباز ۽ شورا جي ملاقات نئين فلم ”پتن شڪلا“ جي شوٽنگ دوران ٿي هئي.










