اداڪار جو انوکو ڪم،اسڪولي عمارت ڪيرائي ڇڏي، مار سبب قرار

انقرھ (ويب ڊيسڪ)ترڪ اداڪار چاگلار ارطغرل پنهنجي ننڍپڻ جي اسڪول ۽ استادن کان منفرد بدلو وٺي ورتو.پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪي ۾ مشهور اداڪار اسڪول خريد ڪري ان جي عمارت ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي، جنهن تي کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.اداڪار سوشل ميڊيا تي پنهنجي اداڪاري جي تصوير پڻ جاري ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته جڏهن مان ننڍڙو هيس ۽ هن اسڪول ۾ پڙهندو هوس ته سبق ياد نه ڪرڻ تي استادن مون کي ڪيترائي ڀيرا ماريو.هنن جو چوڻ آهي ته مون استادن جي بدسلوڪي جو بدلو ورتو آهي جن مون کي هن اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران ماريو،ترڪ اداڪار جا انسٽاگرام تي 3.2 ملين کان وڌيڪ فالوورز آهن، جن مان ڪيترائي سندس ان قدم تي تنقيد ڪري رهيا آهن.سخت تنقيد سبب ترڪ اداڪار پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان ڪجهه صارفين جا تبصرا هٽائي ڇڏيا ته جيئن ٻيا انهن کي ڏسي نه سگهن.

https://www.instagram.com/caglarertugrul/?utm_source=ig_embed&ig_rid=60588755-5994-44c3-bc66-6bfbfeae7009

پهنجو تبصرو موڪليو