احسن اقبال جي چوڻ تي دانيال عزيز گرفتار؟

نارووال (م ڊ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 تان آزاد اميدوار ۽ اڳوڻي وزير دانيال عزيز کي گرفتار ڪيو ويو آهي. دانيال عزيز جي گهرواري مهناز اڪبر عزيز جو چوڻ آهي ته پوليس جي وڏي نفري دانيال عزيز کي شڪر ڳڙهه جي سلهاريان موڙ وٽان گرفتار ڪيو ويو آهي. مهناز الزام مڙهيندي چيو ته دانيال عزيز تي بدترين تشدد ٿيو آهي ۽ کيس زبردستي ڪار ۾ ويهاريو ويو، سندس گرفتاري ۾ احسن اقبال جو هٿ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو