احسن اقبال جو چين ۽ سي پيڪ بابت بيان غير ذميواراڻو آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي سي پيڪ بابت احسن اقبال جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته احسن اقبال جو چين ۽ سي پيڪ بابت بيان غير ذميواراڻو آهي.هن چيو ته چين سان سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ تي هميشه مضبوط اتفاق راءِ رهيو آهي.شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته اسان جي دور ۾ فيصل آباد رشڪئي انڊسٽريل زون کي فعال ڪيو ويو، ڌاٻيجي انڊسٽريل زون کي فائنل ڪيو ويو.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اسان جي حڪومت دوران تعمير هيٺ سمورا پاور پلانٽ لڳايا ويا، بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا مڪمل ڪيا ويا ۽ ٽرانسميشن جا منصوبا جوڙيا ويا.سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جي هاءِ وي جي تعمير مڪمل ڪئي وئي، گوادر انڊسٽريل زون کي اسان جي دور ۾ وسيع ۽ فعال ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو