احساس ۽ درد ئي معاشري جي طاقت هوندي آهي، عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احساس ۽ درد ئي اصل معاشري جي طاقت ۽ سڃاڻپ هوندي آهي. اهڙو اظهار هن عيد جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر جو مقابلو ڪري رهيو آهي ۽ ان موقعي تي عوام کي احتياط ڪرڻ گهرجي، گهرن ۾ رهو ۽ ماسڪ پائي ٻاهر اچو يا وڃو. وزيراعظم چيو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته هو احتياط ڪن ۽ ميل جول کان پاسو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو