عدالتي حڪم تي خورشيد شاهه طبي معائني لاءِ اسپتال منتقل

سکر(جيئرام داس) پيپلزپارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ بيمار ٿي دل جي مرضن واري اسپتال پھتو. آمدني کان وڌيڪ ملڪيت رکڻ جي ڪيس ۾ نيب جي گرفتار ٿيل پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ کي سخت سيڪيورٽي ۾  نيب ھيڊ ڪوارٽر مان اين آءِ سي وي ڊي اسپتال منتقل ڪيو ويو.  احتساب عدالت جي حڪم تي  خورشيد شاھ کي طبي معائني لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. خورشيد شاھ کي بلڊ پريشر ۽ شگر جون بيماريون آھن. خورشيد شاھ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو