آڪٽومبر ۾ چومڊون نه ٿيون ته سخت مهم هلائينداسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته حڪومت آڪٽوبر ۾ چونڊون نه ڪرايون ته جماعت اسلامي سڄي ملڪ ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائيندي، پنجاهه سيڪڙو ٽڪيٽون نوجوانن کي ڏنيون وينديون. منصوره ۾ يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي لياقت بلوچ چيو ته اليڪشن ۾ مقرر وقت کان وڌيڪ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اتحادي حڪومت کي اليڪشن مان فرار ٿيڻ نه ڏينداسين. لياقت بلوچ چيو ته 9 مئي تي فوجي تنصیبات تي حملي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي پر هو گولين جي آڙ ۾ نئين سياسي انجنيئرنگ کي قبول نه ڪندا. ان موقعي تي جماعت اسلامي سينٽرل پنجاب جي صدر جاويد قصوري پڻ خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو