راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ وڌيڪ 4 دهشتگرد مارجي ويا، جنهن کانپوءِ آپريشن شعبان دوران مارجي ويل دهشتگردن جو انگ وڌي 123 ٿي ويو آهي.
پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس پاران بلوچستان ۾ گڏيل آپريشن شعبان جاري آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب فتنه الخوارج خلاف علائقي ۾ اثرائتيون ڪارروايون مسلسل جاري آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز خوارجي دهشتگردن کي فضائي ۽ زميني ڪاررواين ذريعي نشانو بڻائي رهيون آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز جي اثرائتين ڪاررواين جي نتيجي ۾ خوارجي دهشتگردن کي وڏو نقصان پهتو آهي. ذريعن ٻڌايو ته تازين ڪاررواين دوران وڌيڪ 4 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ جون تصديق ٿيل اطلاع مليون آهن، جنهن کانپوءِ آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي انگ 83 ٿي ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب 5 جولاءِ کان هينئر تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران مجموعي طور 121 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن شعبان جاري رکيو ويندو










