آمريڪي شهري ٻارڙي کي پيءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عدالت آمريڪي شهري ٻارڙي کي پيءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ آمريڪي شهري روحان شيخ کي پيءُ حوالي ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.جڊيشل مئجسٽريٽ محمد فاروق ابڙو ٻارڙي کي پيءُ حوالي ڪرڻ جو محفوظ فيصلو ڏنو.عدالت 5 ورهين جي روحان شيخ کي پيءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.طلاق کانپوءِ عورت ٻار کي آمريڪا کان پاڪستان وٺي آئي، جنهن تي آمريڪي شهري فراز شيخ ٻار جي حوالگي لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو