آمريڪا ويندڙ مسلم ليگي اڳواڻ ايئرپورٽ تان واپس

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي اڳوڻي صوبائي وزير رانا مشهود کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. هو نجي ايئر لائن ذريعي آمريڪا وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ تي پهتو ته

ايف آءِ اي اختيارين کيس ايئرپورٽ تي روڪي ورتو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ کيس واپس گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. رانا مشهود جو نالو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ وارن تي پابندي واري لسٽ ۾ شامل آهي، ان بنياد تي کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.  ٻئي طرف ان حوالي سان خانگي چينل سان ڳالهائيندي رانا مشهود چيو ته مون کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. 4ڪلاڪن تائين بنا ڪنهن سبب جي ايئرپورٽ تي روڪيو ويو، آمريڪا وڃي رهيو هئس ته ٻڌايو ويو  ته اوهان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي. هن ٻڌايو ته نيب اختيارين منهنجو نالو اي سي ايل ۾ مونکي ٻڌائڻ کانسواءِ شامل ڪرايو آهي. ايئرپورٽ تي هڪ نيب آفيسر سان رابطو ٿيو. نيب آفيسر چيو ته ڇو روڪيو ويو آهي ان باري ۾ مٿان کان پڇي ٻڌايان ٿو. صبح جو فلائيٽ وڃڻ کان پوءِ ٻڌايو ويو ته اوهان هاڻ گهر وڃي سگهو ٿا. منهنجي خلاف ڪو به نيب ڪيس ناهي نه ئي الزام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو