واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف ڪنهن به سازش ۾ ملوث ناهي.ميٿيو ملر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪي دستاويز سامهون آيا آهن انهن تي هو تبصرو نه ڪندو.هن چيو ته هو پاڪستاني سفارتڪارن سان خانگي ڳالهه ٻولهه نه ٿو ڪري سگهي، جيڪي دستاويز سامهون آيا آهن انهن مان به ثابت نه ٿو ٿئي ته آمريڪا پاڪستاني اڳواڻ جي چونڊ ڪئي آهي يا نه،آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان واضح ڪيو ته آمريڪا پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم جي روس جي دوري تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم يوڪرين تي روس جي حملي واري ڏينهن تي دورو ڪيو، ميٿيو ملر چيو ته اڳوڻي پاڪستاني سفير به چيو آهي ته آمريڪا تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن.هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا اهو نه چيو ته اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم کي وڃڻ گهرجي.
