آغا سراج جي سڀني گهرڀاتين جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) ڪراچيءَ جي احتساب عدالت سنڌ اسميبليءَ جي اسپيڪر آعا سراج درانيءَ جي گهرواريءَ، پٽ ۽ ڌيئرن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ ڪري ڇڏيا آهن. احتساب عدالت ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اسپيڪر خلاف آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو ڪيس هلندڙ آهي. ان ڪيس جي ٻڌني ڪندي عدالت آغا سراج خلاف ٽرائل کي تيز ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. عدالت چيو ته مفرور ملزم گرفتار نه ٿيا ته انهن کي ڪيس کان الڳ ڪيو ويندو. نيب آفيسرن عدالت کي آگاهي ڏني آهي ته آغا سراج جو فرنٽ مين ۽ ٻيا ملزم مفرور ٿي چڪا آهن جڏهن ته سفري رڪارڊ مطابق آغا سراج جو خاندان آمريڪا منتقل ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو