آصف علي زرداري جي شهيدن جي مزارن تي حاضري

نئون ديرو(ن س) پاڪستان جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڳڙھي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي گلن رکيا. هن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شھيد شاهنواز ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي ٻين جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ سندن مغفرت لاءِ دعا گهري. پي پي ترجمان نذان موقعي تي ير ڌوڪي پاران جاري ڪيل بيان موجب ڊاڪٽر قيوم سومرو، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، اڳوڻو گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ٻيا پڻ ان موقعي تي موجود هئا. مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد هو اسلام آباد روانو ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو