آصفه ڀٽو ذاتي خرچ تي جاپان جي نجي دوري تي آهي، مري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آهي ته آصفه ڀٽو زرداري جاپان جي نجي دوري تي آهي. هوءَ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ جاپان ۾ نظر اچي رهي هئي ۽ لوڪل ميڊيا ۾ اهو سوال اٿاريو ويو هو ته ڇا هوءَ سرڪاري خرچ تي دورو پئي ڪري.؟ جنهن جي وضاحت ڪندي شازيا مري چيو آهي ته هوءَ نجي دوري تي آهي ۽ پنهنجو خرچ پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.


بلاول ڀٽوجاپان جي چئن ڏينهن جي دوري تي آهي، جتي هو جاپاني حڪومت جي دعوت تي ڇنڇر ڏينهن پهتو. هڪ ڏينهن اڳ پرڏيهي وزير ٽوڪيو ۾ ميزبان هم منصب سان ملاقات ڪئي هئي، جتي سندس ڀيڻ آصفه به ساڻس گڏ هئي. بلاول ڀٽو جاپان ۾ پاڪستانين سان به ملاقات ڪئي ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي واپار وڌائڻ ۽ ٽيڪنالوجي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو