آسٽريليا جي بگ بيش لاءِ نامزدگيون، پاڪستاني به شامل

ميلبورن(ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا مردن ۽ عورتن جي ليگ ڊرافٽ لاءِ نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا وومين بگ بيش ليگ جي ڊرافٽ لاءِ وڌيڪ پرڏيهي رانديگرن جي نامزدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر فاطمه ثنا ڪنام به شامل آهي، پر فاطمه ثنا اڃا تائين ايونٽ ۾ پنهنجي موجودگي جي تصديق ناهي ڪئي. فاطمه ثنا پاڪستان لاءِ 31 ون ڊي ۽ 24 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي چڪي آهي، جنهن ۾ فاطمه ثناءَ سميت سڄي دنيا مان 46 وومين ڪرڪيٽرن کي ڊرافٽ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. بي بي ايل جي نامزدگين ۾ افغانستان جا ڪرڪيٽر به شامل آهن، اوورسيز ڊرافٽ ۾ افغانستان جي راشد خان سميت 4 ڪرڪيٽر شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو