اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. وفاقي حڪومت طرفان داخل نظرثاني درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کان آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان گذريل مهيني ٿيل فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ٻڌڻي لاءِ لارجر بهينچ جوڙڻ جي استدعا ڪئي آهي. ان کان علاوهه حڪومت نظرثاني درخواست ۾ چيو آهي ته ڪيس جي ان ڪيمره ٻڌڻي ڪئي وڃي. ان کان اڳ وزير قانون بيرسٽر فروغ نسيم جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ ڪيترن ئي آئيني نڪتن جو جائزو ناهي ورتو آئيني معاملن تي نظرثاني جي ضرورت آهي. بيرسٽر فروغ نسيم ٻڌايو ته آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪئي ويندي جنهن جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي. وزير قانون چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي درخواست اڄ ئي داخل ڪئي ويندي ۽ واڌ بابت سپريم ڪورٽ جي سڄي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪنداسين. واضح رهي ته 28 نومبر 2019 تي آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ متعلق ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ حڪومت کي 6 مهينن ۾ قانون سازي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه جي مدي ۾ 6 مهينن جي مشروط واڌ ڪئي هئي.
نسله ٽاور جي زمين وڪري ڪري متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جو حڪم
ايڪسچينج ۾ وڏي تيزي،انڊيڪس 72 ھزار 5 سئو جي نفسياتي حد پار
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پروٽوڪول واپس ڪري ڇڏيو
اسلام آباد ۾ نان ۽ ماني جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن معطل
مدھو بالا کي ايندڙ مهيني سفاري پارڪ منتقل ڪرڻ جو فيصلو
9 مئي جي ڪيسن ۾ فواد چوڌري کان جاچ جو فيصلو
قيادت کي خبر ھئي تھ عمران اناڙي آھي،بشير ميمڻ
گهوٽڪي مان اغوا ٿيل ٻن اهلڪارن سميت 4 ڄڻا بازياب
چونڊن ۾ مداخلت ڪيس، ٽرمپ جي 18 ساٿين تي فرد جرم لاڳو
قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ چيف سيڪيورٽي آفيسر مقرر
اداڪار جو انوکو ڪم،اسڪولي عمارت ڪيرائي ڇڏي، مار سبب قرار
ايراني صدر جو دورو،ڇا پاڪستان مغربي غلامي مان نڪرڻَ چاهي ٿو ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-04-25
اڄوڪي-اخبار-2024-04-25
عطا تارڙ سان پريس ڪلب جي وفد جي ملاقات،مسئلا حل ڪرڻ جي يقين ڌياني
نوَ سال اڳ قطر سان ڪيل معاهدي جا دستاويز گم ،وزيراعظم جو نوٽيس
ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ جا امتحان مئي ۾ ٿيندا،مرڪزن ويجهو قلم 144 لاڳو هوندو
جيڪسن مارڪيٽ ۾ فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائي، سوين ليٽر کير ضايع
جنهن کي ٻوجهه سمجهي ڪلهي تان لاٿو، ان جي ترقي ڏسي شرم ٿو اچي
ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جو فيصلو