اسلام آباد ( بيورو رپورٽ)عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي موڊيز جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدو پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪندو. موڊيز چيو آهي ته پاڪستان کي ڊگهي مدي ۾ استحڪام لاءِ سڌارا آڻڻا پوندا، آمدني ۾ اضافو ٿيندو، مختصر مدت ۾ معاشي سرگرميون متاثر ٿينديون. موڊيز جو چوڻ آهي ته جڏهن ته اعليٰ سود جي شرح ۽ مهانگائي حڪومتي خرچن ۽ ڪاروباري سيڙپڪاري کي متاثر ڪندي رهندي، اسٽينڊ بائي معاهدو حڪومت جي مالي صلاحيت ۾ ڪجهه بهتري آڻيندو.
