اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان 9 مهينن لاءِ هڪ معاهدو ٿيو جنهن سان ڊيفالٽ جو خطرو ٽري ويو آهي. سوال اهو آهي؟ ڇا اهو هڪ حل آهي. ڪجهه مهينن کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ اسان کي ان جو حل ڳولڻو پوندو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهيون. سياسي، قانوني ۽ پرامن طريقي سان اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا. سوئيڊن واقعي تي عالم اسلام ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. هڪ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جي دل آزاري جو ڪوبه جواز نه آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي حڪومت ۾ اسلاموفوبيا جي نشاندهي ڪئي هئي. اسان گڏيل قومن ۾ به آواز اٿاري. فيصلو ٿيو، 15 مارچ تي اسلاموفوبيا خلاف سڄي دنيا ۾ هڪ زبان ٿي ڳالهيون ڪيون وينديون. مذمتي قرارداد ناڪافي آهي. اسان کي سوچڻو پوندو. ان عمل تي انٽرنيشنل لا ڇا ٿو چوي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حدون مقرر هجڻ گهرجن. مان اظهار جي آزادي جو خواهشمند آهيان جيڪو ڪنهن جي جان کي خطري ۾ وجهي اها ڪهڙي قسم جي اظهار جي آزادي آهي. پرامن طريقي سان جمعي جي نماز کان پوءِ اظهار ڪرڻ گهرجي. اسان پرامن ماڻهو آهيون پر ان جو ڪوبه گڏيل لائحه عمل تيار ڪيو وڃي.شاهه محمود قريشي چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي سان ڊيفالٽ جو خطرو ٽري ويو. ڇا اهو هڪ حل آهي ڪجهه مهينن کان پوءِ ڇا ٿيندو. ماضي ۾ به معاهدا ڪيا ويا جن کي آخري انجام تائين نه پهچايو ويو.پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين وڌيڪ چيو ته هر سياسي پارٽي لائحه عمل جي باري ۾ پاڻ غور ڪندي آهي اسان سياسي، قانوني ۽ پرامن طريقي سان اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا. پي ٽي آءِ چيئرمين مٿان ڪيس آهن اهو پاڻ عدالت ۾ حاضر ٿي رهيو آهي. منهنجي مٿان به ڪيس داخل ٿيل آهن مان به عدالت ۾ حاضر ٿي رهيو آهيان.
