اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي حاضر سروس ملازم ڊاڪٽر رضا باقرکي پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي آئيني عهدي تي ءِ سالن لاءِ اوچتو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد هن آءِ ايم ايف تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان جي صدرسندس مقرري جو گذريل رات دير سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. ڊاڪٽر رضا باقر ايچيسن ڪالج لاهور مان پڙهڻ بعد ڪيليفورنيا جي برڪلي يونيورسٽي ما معاشيات ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي ۽ گذريل 16 سالن کان آءِ ايم ايف جو ملازم آهي. جتي هو عالمي قرضن جي شعبي جو انچارج آهي ۽ تازو يونان ۽ يوڪرائن جي تباه حال معيشتن ۽ قرض جي ڀنور مان نڪرڻ بابت سندن پاليسي تيار ڪري ڏني هئي. هو اڳ ۾ عالمي بينڪ ۽ سوئيزرلينڊ جي يونين بئنڪ ۾ ملازم رهيو آهي. هي ٻيو شخص آهي جيڪو آءِ ايم ايف جو حاضر سروس ملازم هوندي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر بڻيو آهي. ان کان اڳ ڊاڪٽرمحمد يعقوب 1993 کان 1999 تائين گورنر رهيو. جنهن جي عالمي بينڪ جي ملازم ڊاڪٽر عشرت حسين جاءِ والاري ۽ هو ٻه ٽرم يعني 6 سال ان عهدي تي رهيو ۽ بعد ۾ کائنس چارج ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڊاڪٽر شمشاد اختر ورتي هئي. آءِ ايم ايف سان قرض بابت هلندڙ ڳالهين دوران وزير خزانه اسد عمر، گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ ٽيڪس گڏ ڪندڙ اداري ايف بي آر جي سربراهن کي اوچتو هٽائڻ مان ته بظاهر لڳي ٿو ته ٽاڦ اڪنامڪ مينجرز جي تبديلي غالمي ادارن جي فرمائش تي ڪئي وئي آهي، ڀلي عمران خان چوي ته هن جي حڪومت اهي تبديليون ميرٽ تي ڪيون آهن پر سندس اهڙي دعويٰ تي يقين ڪرڻ ڏکيو آهي. سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا ڊاڪٽر باقر رضا آءِ ايم ايف جي نوڪري ڇڏيندو يا نه، آئيني عهدي تي عالمي اداري جي حاضر سروس ملازم جي تعيناتي پاڪستان جي خودمختاري بابت به سواليا نشان آهي. هن وقت سڀني جون نظرون ٽيڪس گڏ ڪندڙ اداري ايف بي آر جي نئين سربراه جي تقرري تي آهي. ان بابت ڪيتر ئي نالا غور هيٺ آهن جن ۾ ڊاڪٽر احمد مجتبيٰ ميمڻ به شامل آهي، پر هن تي 2016 ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ داخل ڪيس، جيڪو بعد ۾ ختم ڪيو ويو هو، سندس پيڇو ڪندو رهندو. اسٽيٽ بينڪ جي هٽايل گورنر طارق باجوا ۽ ايف بي آر جي هٽايل سربراه جهانزيب خان ٻئي گريد 22 جا آفيسر آهن. باجوا اسحاق ڊار جي ويجهو هو ۽ مٿس الزام لڳندو رهيو ته هن جي سستي سبب سوئيزرلينڊ مان مني لانڊرنگ جا اربين ڊالر پاڪستان کي نه ملي سگيا، ان الزام جي هو ترديد ڪندو رهيو آهي. ڪجهه معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حفيظ شيخ سميت مقررڪيل نئين اڪنامڪ مينيجرز جي ٽيم وٽ ڪا گدڙ سنگهي ناهي جو هو اوچتو حالتون بهتر ڪن پر قرض ڏيندڙ عالمي ادارن جا پهنجا ملازم رکرائڻ بعد کين قرضن جي وصولي تي اطمينان ضرور ملندو ۽ وقت سر کين درست معلومات به ملي سگهندي، ڇو ته اسد عمر بارگين دوران آءِ ايم ايف کي ٽف ٽائم ڏنو هو. هاڻي روپئي جو قدر آساني سان وڌيڪ گهٽ ٿي ويندو.
ريڊيو پاڪستان جا رٽائرڊ ملازم ادائيگين کان محروم،ڪراچي ۾ احتجاج
ڪروڙين ماڻهن جي چيٽ ” جي پي ٽي “ ڏانهن لاڙو، انگ اکر
پي ٽي آءِ احتجاج ملتوي ڪري، ڪو هٿ چڙهيو ته پوءِ اسان کي ميار نه ڏجو
پي ٽي آءِ کي لاش گهرجن، ماڻهن کي مارائڻ جي منصوبه بندي ٿي چڪي
ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل خلاف احتجاج جو اعلان
ترميم لاءِ چيو ويو ته آچر تي ڪيون ، ٻي صورت ۾ سومر تي آسمان ڪرندو
ملائشين وزيراعظم جي پاڪستان آمد، گارڊ آف آنر پيش،شهباز سان ملاقات
بلاول ڀٽو جو جماعت جي اسرائيل خلاف احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان
63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪلعدم،درخواستون منظور
آمريڪا جي ‘گلوبل گيم’ ۽ جنگ جي گهيري ۾ آيل وچ اوڀر
پاڪستان تجويزن تي عمل ڪندو ته هي آخري پروگرام هوندو، آءِ ايم ايف
اسلام ڪوٽ روڊ حادثو ، 2 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
رتيش بريڪ اپ جو پيغام موڪليو: جينيليا جي دلچسپ ڪهاڻي
ايڪسچينج تاريخ جي نئين حدر پار ،980 پوائنٽس جي واڌ
قلعه سيف الله ۾ ڊپٽي ڪمشنر شيراني جي گاڏي تي فائرنگ
سنڌ سرڪار کي ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ نه ڪرڻ جو حڪم
نتاشه عدالت آڏو پيش نه ٿي،حاضري ڇوٽ منظور
اڊيالا جيل جي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سميت 4 اهلڪار برطرف
ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملن جي حمايت نه ڪنداسين
سڄي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وي سيز طلب